صحافت هڪ مقدس پيشو آهي اسان کي ان جي تقدس ۽ قلم جي ذريعي معاشري جي تعمير ترقي ۾ پنهنجو بهتر ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو: شفيق احمد ميمڻ

شهدادپور ڊائريڪٽر انفارمیشن آفيسر نوابشاھ شفيق احمد ميمڻ چيو آهي ته صحافت هڪ مقدس پيشو آهي اسان کي ان جي تقدس ۽ قلم جي ذريعي معاشري جي تعمير ترقي ۾ پنهنجو بهتر ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو.صحافي جو قلم تلوار کان به تکو آهي.صحافت شهوڪار طبقو آهي جيڪو مظلوم طبقي جي خدمت ڪري ٿو.صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهدادپور پريس ڪلب ۽ سافڪو چيف سليمان جي ابڙو طرفان ڏنل استقباليه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته معاشري ۾ برائين جي خاتمي انهن کي منظر عام تي آڻي صحتمند معاشري جي لاءِ صحافي پنهنجو قومي ڪردار فرض ادا ڪن. ۽ مظلوم مسڪين مائرون جو ڀرجهلو بڻجن.ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري شهدادپور پريس ڪلب قمر الدين ملڪ. چئيرمين ورڪنگ ڪميٽي مھدي حسن پنھور. سنئير صحافي ڊاڪٽر فريد محمد خان سجاد خاصخيلي. بشير ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته شھدادپور پريس ڪلب هڪ خودمختيار ادارو آهي. ورڪنگ جنرلسٽ لاءِ اسان جا دروازا کليل آهن. غلام مصطفي قريشي. اسلم خاصخيلي. راڻا نديم سليم.عمران قمر. رجب رند ۽ شرڪت ڪئي.هنن چيو ته اسان پنهنجي قلم ذريعي مظلوم مائروڙن جو آواز بڻيا آهيون ۽ سماج ۾ ٿيندڙ برائين ۽ ڪرپشن کي هميشه وائکو ڪيو آهي ان موقعي تي آيل مهمان کي اجرڪن جا تحفه پيش ڪيا ويا ۽ پريس ڪلب جي تعميراتي ڪم جو معائنو ڪرايو ويو.هوڏانهن شهدادپور بابلي هائوس تي انفارمیشن آفیسر شفيق احمد ميمڻ کي سافڪو چيف سليمان جي ابڙو طرفان آجياڻو ۽ اجرڪن جا تحفه پڻ پيش ڪيا ويا

Read Previous

گدڙ جي سو ڏينهن جي زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي بهتر آهي جنهن زندگي عطا ڪئي آهي

Read Next

سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ مٺو خان بنگلاڻي ۾ خالد حسين سنجراڻي ، گل حسن بنگلاڻي جي ميزباني هيٺ صوفي مچ ڪچهري ٿي گذري

Most Popular