سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ مٺو خان بنگلاڻي ۾ خالد حسين سنجراڻي ، گل حسن بنگلاڻي جي ميزباني هيٺ صوفي مچ ڪچهري ٿي گذري

سڪرنڊ رپورٽ اڪبرملاح سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ مٺو خان بنگلاڻي ۾ خالد حسين سنجراڻي ، گل حسن بنگلاڻي جي ميزباني هيٺ صوفي مچ ڪچهري ٿي گذري. شاعرن سنڌ جي حسنيت ، پيار ۽ محبت جا پرانا چيا. سگهڙن لوڪ ادب جي ساڃاهه ۽ لوڪ ڏاهپ جا واهڙ وهايا. صوفي راڳين راڳ ، ويراڳ ماڻهن جون دليون جهومائي وڌيون. ثقافت جا رنگ جرڪي پيا. ان موقعي تي سنڌ سجاڳ فورم جي چيئرمين مجيد عباسي کي سندس سماجي خدمتن عيوض ساڻس رهاڻ رچائي وئي. کيس اجرڪن ، بوسڪي بٽڪن ۽ گلاب جي گلن جا تحفا پيش ڪيا ويا. صوفي مچ ڪچهري کي سنڌ سجاڳ فورم جي اڳواڻ مجيد عباسي چيو ته منهنجو مقصد انسانيت ، تعليم ۽ صحت لاءِ جاکوڙ جاري رکندس. اديب ڪهاڻيڪار محمد ۽ سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر صديق منگيو چيو ته ماڻهو جنم وٺي مٽي ۾ ملي ويندا آهن. پر جيئڻ اهو آهي ڪنهن انسان جو ڀلو ٿئي. سينيئر صحافي قربان عمراڻي چيو ته اڄ جي ڪچهري محبتن جا ڏيئا روشن ڪيا آهن. امن ۽ محبت جا گل نڇاور ٿيا آهن. اديب شاعر معشوق ڌاريجو چيو ته مجيد عباسي اهو ماڻهو آهي جيڪو اکين ۾ لڪائي رکڻ جهڙو آهي. اسان جي ڌرتي تي هميشه پيار محبت جا گل ٽڙن ٿا. پ پ اڳواڻ امتياز راهو چيو ته اسان جي ڌرتي ثقافت سان ڀريل آهي. ان موقعي تي سينيئر صحافي قاضي جاويد سنائي، صحافي نياز چانڊيو ، گل حسن بنگلاڻي ، حسين بخش ڪيريو ، خالد حسين سنجراڻي ، نياز لاشاري ، خير محمد چنه ، عبدالقادر جيلاني ، محمود مصطفيٰ ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪيو. جڏهن ته شاعر معشوق ڌاريجو ، قلندر بخش ملاح ، محمود الفي ، فدا سنجراڻي پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪئي. جڏهن ته سگهڙن منٺار ٻگهيو ، قاسم ڏاهري ، امام علي گدارو ، ادريس جمالي ڏور ، بيت ڳجهارتون ڏئي سگهڙائپ جا ڏيئا روشن ڪيا. جڏهن ته نجم کوسو بينن تي ڌنون وڃايون. جڏهن ته صوفي راڳي علي حسن خاصخيلي راڳ ڳائي ماڻهن کي جهومائي وڌو.

Read Previous

صحافت هڪ مقدس پيشو آهي اسان کي ان جي تقدس ۽ قلم جي ذريعي معاشري جي تعمير ترقي ۾ پنهنجو بهتر ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو: شفيق احمد ميمڻ

Read Next

آر ڊي 109 ٿاڻي جي ايس ايڇ او نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: آفتاب جکراڻي

Most Popular