اسلام آباد: نيب سال 2018ع کان 2020ع تائين جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. سڀني کان وڌيڪ شڪايتون سکر کان مليون. نيب چيئرمين جاويد اقبال ان حوالي سان چيو آهي ته نيب جي 3 سالن جي ڪارڪردگي بهتر رهي. رپورٽ موجب قومي احتساب بيورو جي ٽن سالن واري ڪارڪردگي رپورٽ جاري، 1 لک 54 هزار 697 شڪايتون مليون، اربين روپين جي ريڪوري ڪئي وئي. نيب چيئرمين جاويد اقبال اداري جي ڪارڪردگي مان خوش آهي. ٽن سالن جي ڪارڪردگي واري رپورٽ موجب نيب راولپنڊي کي ٽن سالن ۾ 21 هزار 71 شڪايتون مليون. نيب لاهور کي 29 هزار 242، نيب خيبرپختونخواهه کي 12 هزار 627 شڪايتون مليون. جڏهن ته نيب بلوچستان کي 25 سئو ۽ نيب سکر کي 75 هزار 944، نيب ملتان کي 13 هزار 313 شڪايتون مليون. نيب ان مدي دوران اربين روپيه وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا. نيب اعلاميي موجب نيب چيئرمين(ر) جسٽس جاويد اقبال جو چوڻ هو ته نيب ڪرپشن جي خاتمي ۽ لٽيل رقم جي واپسي جي لاءِ ٺاهيو ويو. پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي چين ڪرپشن جي خاتمي واري ايم او يو تي صحيح ڪئي. نيب سارڪ ملڪن جي لاءِ رول ماڊل آهي.