سکر : پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ وارو ڪيس اليڪشن ڪميشن تي داغ آهي، ڪيس تي اسٽي وٺڻ مان لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي

سکر (رپورٽ امداد علي گل ڪلوڙ) ملڪ جون سياسي حالتون بهتر ناهن، حڪومت جي هٺ ڌرمي مان لڳي ٿو ته اُن جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا، اپوزيشن نه، پر حڪومتي هٺ ڌرمي ملڪ کي نقصان پهچائيندي، اپوزيشن کي سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ گهرجي، قيادت کي حساب ڪتاب ڪري ڏنو آهي ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ سان اسان جي سيٽس ۾ اضافو ٿيندو، پ پ پ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه جون احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون، تفصيل موجب، آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ نيب هٿان گرفتار ٿيل پ پ پ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه کي سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، سيد خورشيد احمد شاهه کي اين آئي سي وي ڊي اسپتال مان ايمبولينس ذريعي عدالت پهچايو ويو، صوبائي وزير سيد اويس قادر شاهه ۽ ٻيا جوابدار به عدالت آڏو پيش ٿيا، خورشيد شاهه جي پيشيءَ جي موقعي تي احتساب عدالت ٻاهران جيالن احتجاج به ڪيو، جيالن طرفان نيب خلاف ۽ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي، عدالت ٻاهران مظاهري دوران جيالن طرفان پنهنجي محبوب اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته عدالت ۾ پيشي دوران عدالت ٻاهران ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ وارو ڪيس اليڪشن ڪميشن تي داغ آهي، ڪيس تي اسٽي وٺڻ مان لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، اپوزيشن کي سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ گهرجي، قيادت کي حساب ڪتاب ڪري ڏنو آهي ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ سان اسان جي سيٽس ۾ اضافو ٿيندو، وزيرن جي بيانن مان لڳي ٿو ته حڪومت کي ڳالهيون ناهن ڪرڻيون،

Read Previous

مٽياري ضلعي ۾ امن امان جي خراب صورتحال ۽ گندي پاڻي جي فراهمي خلاف جدوجهد ڪميٽي جي بک هڙتال وڏي تعداد ۾ شهرين جي شرڪت آئي جي سنڌ کان ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

Read Next

حڪومت پي ڊي ايم کي اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج جي اجازت ڏئي ڇڏي

Most Popular