مٽياري ضلعي ۾ امن امان جي خراب صورتحال ۽ گندي پاڻي جي فراهمي خلاف جدوجهد ڪميٽي جي بک هڙتال وڏي تعداد ۾ شهرين جي شرڪت آئي جي سنڌ کان ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

مٽياري ضلعي ۾ امن امان جي خراب صورتحال ۽ گندي پاڻي جي فراهمي خلاف جدوجهد ڪميٽي جي بک هڙتال وڏي تعداد ۾ شهرين جي شرڪت آئي جي سنڌ کان ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ..
تفصيل موجب مٽياري ضلعي جي ٻرندڙ مسئلن خلاف آواز اٿارڻ لاء ضلعي جي سياسي سماجي ۽ ديني اڳواڻن تي مشتمل جدوجهد ڪميٽي پاران ضلعي ۾ امن امان جي خراب صورتحال ڏينهون ڏينهن وڌندڙ چورين . ڦرن . ڌاڙن ۽ ٻين اهم مسئلن خلاف مٽياري پريس ڪلب اڳيان جدوجهد ڪميٽي جي ڪنوينر جي يو آئي جي مرڪزي اڳواڻ سليم سنڌي . ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو . اڪبر کدري . سماجي اڳواڻ رحمت الله ترڪ . مکڻ خاصخيلي . شهيد ڀٽو اڳواڻ ايڊووڪيٽ پيرل مجيداڻو . راڄوڻي اتحاد جي شمس خاصخيلي . پ ٽ الف اڳواڻ رياض ساهووال جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي جيڪا ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي . چوريون . ڦرون . ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن ۽ رهزن وچ شهر مان بغير خوف ۽ خطري جي ڪاروايون ڪري رهيا آهن پر انتظاميه جي ڪن تي جون نٿي سري ان کان سواء شهر ۾ شراب . چرس آفيم جا اڏا کلي عام منشيات وڪرو ڪري رهيا آهن عوام کي صحت جون سهولتون ناهن اسپتالن ۾ دوائون نٿيون ملن مسڪين بيمارين ۾ مرن پيا ضلعي جي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي شهرين گدلي پاڻي واپرائڻ سبب مختلف بيمارين جي ور چڙهي رهيا آهن ضلعي ۾ بدامني انتها تي پهتل آهي پر اسان جا نمائندا ننڊ ستل آهي ۽ انتظاميه غفلت ۾ ورتل آهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پهرين مرحلي ۾ علامتي بک هڙتال ڪيون پيا ان کان پوء تحريڪ کي تيز ڪندي آئي جي ۽ ڊي آئي جي سان ملاقاتون سان ملاقاتون ڪري چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪنداسين ان کان سواء ضلعي جي سڀني شهرن ۾ احتجاج پڻ ڪنداسين ..

Read Previous

اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري جون انڪروچمينٽ خلاف ڪاروايون دڪانن اڳيان وڌايل دڪيون, صندل ۽ ريڙھا هٽائي پٽ

Read Next

سکر : پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ وارو ڪيس اليڪشن ڪميشن تي داغ آهي، ڪيس تي اسٽي وٺڻ مان لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي

Most Popular