لاهور ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف پوليس تي حملي جو ڪيس داخل
آءِ سي سي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم آءِ سي سي رينڪنگ ۾ ٽاپ 5 بيٽسمينن ۾ شامل ٿي ويو آهي.
ڪراچي ٽيسٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي کانپوءِ هو ٽي درجا مٿي چڙهي پنجين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته نائب ڪپتان محمد رضوان جي رينڪنگ ۾ 6 درجا بهتري اچي وئي آهي.اظهر علي 19هين نمبر تي آهي.
آسٽريليا جو مارنس لبوشين دنيا ۾ پهرين، جو روٽ ٻئي، اسٽيو سمٿ ٽئين ۽ ڪين وليمسن ٽئين نمبر تي آهن.
ڪرونا رتني ڇهين، روهت شرما ستين، ٽريوس هيڊ اٺين، ويرات ڪوهلي نائين ۽ رشڀ پنٽ ڏهين نمبر تي آهي.
بالرز جي رينڪنگ ۾ آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز پهرين ۽ پاڪستان جو شاهين شاهه آفريدي ڇهين نمبر تي آهي.
حسن علي 11هين ۽ محمد عباس 19هين پوزيشن تي آهي. ٽيسٽ آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ ڪو به پاڪستاني ٽاپ 20 ۾ شامل ناهي.