ڪراچي ۾ 13 ورهين جي ڇوڪري ڪيترائي ڀيرا زيادتي کانپوءِ قتل

ڪراچي جي علائقي زمان ٽائون ۾ 13 ورهين جي نينگري کي ڪيترائي ڀيرا زيادتي کانپوءِ قتل ڪيو ويو.

پوليس موجب طبي معائني ۾ ڇوڪريءَ سان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا زيادتي جي تصديق ٿي ۽ گهٽو ڏيڻ سبب سندس موت ٿيو.

پوليس ٻڌايو ته مقتول ڇوڪري ۽ سندس ڀيڻ گهر ۾ اڪيليون هيون، وڏي ڀيڻ ننڍي ڀاءَ جي مدرسي وئي ته ننڍي ڀيڻ در بند ڪري ڇڏيو، وڏي ڀيڻ واپس اچي در کڙڪايو ته نه کليو، ڀر واري گهران ڀت ٽپي اندر وئي ته ڀيڻ جو ڦاهو لڳل لاش ڏٺائين.

Read Previous

وڏي عمر جي ماڻهن کي صحت جا مسئلا ۽ حل

Read Next

اڳوڻي ايم اين اي اياز امير جي نُنهن قتل، پٽ گرفتار

Most Popular