اڳوڻي ايم اين اي اياز امير جي نُنهن قتل، پٽ گرفتار

پنهنجي گهرواري کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ سينيئر صحافي ۽ اڳوڻي ايم اين اي اياز امير جي پٽ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

 اڳوڻي ايم اين اي اياز امير جي ننهن جو سندس گهر مان لاش هٿ آيو آھي، پوليس جاچ شروع ڪندي قتل جي الزام هيٺ اياز امير جي پٽ شاهنواز کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آھي تھ جوابدار شاهنواز کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽  مقتولا جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.

پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، جيڪي به تفصيل سامهون ايندا اهي شيئر ڪيا ويندا

Read Previous

ڪراچي ۾ 13 ورهين جي ڇوڪري ڪيترائي ڀيرا زيادتي کانپوءِ قتل

Read Next

اسحاق ڊار گرفتاري مامرو، عدالت مان وڏي خبر اچي وئي

Most Popular