وزيراعظم هائوس محفوظ ناهي ته پوءِ ڪهڙي جاءِ محفوظ هوندي؟ فواد چوڌري

fawad

تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته ايٽمي ملڪ جي وزيراعظم هائوس جي گفتگو ساڍا 3 لک ڊالرن ۾ ڊارڪ ويب تي موجود آهي، وزيراعظم هائوس محفوظ ناهي ته پوءِ ڪهڙي جاءِ محفوظ هوندي؟

پنڊ دادن خان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم آفيس جي آڊيو ليڪ ٿي آهي، جنهن تي وڏي ڳڻتي آهي، 115 ڪلاڪن جي گفتگو ڊارڪ ويب تي موجود آهي، جنهن جي ٻولي لڳي وئي آهي، ايٽمي ملڪ جي وزيراعظم جي گفتگو ساڍا 3 لک ڊالرن ۾ موجود آهي.

هن چيو گفتگو مان لڳي ٿو ته فيصلا لنڊن ۾ ٿي رهيا آهن، مريم نواز مطالبو ڪري رهي آهي ته سندس ناٺي جي مشينري ڀارت مان آندي وڃي، جواب اچي رهيو آهي ته اهو سياسي مسئلو بڻجي ويندو ۽ تحريڪ انصاف تنقيد ڪندي.

سندس موجب مريم نواز گهڙي گهڙي چوندي آهي ته تيل جا اگهه نه وڌايو پر آڊيو ۾ چئي رهي آهي ته ٻيو ڪو رستو ناهي، سڄو ملبو هوءَ مفتاح اسماعيل جي وجهندي آهي، حقيقت ۾ مفتاح کي بي عزتو ڪري اسحاق ڊار کي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

آڊيو ليڪ معاملي تي حڪومت جو ردعمل سامهون اچي ويو

Read Next

برطانيا دنيا وارن لاءِ پنهنجا دَر کولي ڇڏيا، پرڏيهين لاءِ اهم فيصلو

Most Popular