آڊيو ليڪ معاملي تي حڪومت جو ردعمل سامهون اچي ويو

مريم اورنگزيب

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آڊيو ثبوت آهي ته ڪو غير قانوني ڪم ناهي ٿيو، نه ئي ڪنهن کي ڪو ناجائز فائدو پهچايو ويو.

عمران خان جي ڪرڪ جلسي تي ردعمل ڏيندي مريم اورنگزيب تحريڪ انصاف چيئرمين جي خطاب کي ”بي شرمي“ قرار ڏنو ۽ چيو ته ڀارت مان بجلي جو پلانٽ عمران خان جي حڪومت جي پاليسي ۽ قانون موجب آيو، عمران خان هائوسنگ سوسائٽي جي گرڊ اسٽيشن لڳائڻ جي باري ۾ 18 جولاءِ 2022 جو هاءِ ڪورٽ ملتان بئنچ جو فيصلو پڙهي.

هن چيو ته پرڏيهي فنڊنگ عيوض پاڪستان جي آزادي، خود مختياري ۽ معيشت جو سودو ڪندڙ رڙيون ڪري رهيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڪو غير قانوني ڪم نه ٿيڻ تي عمران خان ڪاوڙ ۾ چريو ٿي ويو آهي.

سندس موجب عمران خان کي ڪاوڙ ان ڳالهه جي آهي ته آڊيو ۾ به ڪا غير قانوني شئي برآمد نه ٿي سگهي، بشريٰ بي بي جي 5 قيراط هيري جو ذڪر ناهي، خيرات جو پئسو پنهنجي ذات ۽ سياست لاءِ استعمال ڪندڙ جو پڪڙجڻ تي پِٽڪو ٺهي ٿو.

Read Previous

وزيراعظم هائوس جي اجلاس جي آڊيو ليڪ، سيڪيورٽي تي سوال اٿي ويا

Read Next

وزيراعظم هائوس محفوظ ناهي ته پوءِ ڪهڙي جاءِ محفوظ هوندي؟ فواد چوڌري

Most Popular