چونڊون مرحليوار ٿيون ته نتيجا ڪير به قبول نه ڪندو، راڻا ثناءُ الله

راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد: گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون هڪ ئي وقت ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن چونڊون مرحليوار ٿيون ته نتيجا ڪير به قبول نه ڪندو.

اليڪشن ڪميشن طرفان چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي درخواست تي رد عمل ڏيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان جي سمجهه موجب اليڪشن ڪميشن کي اهو اختيار حاصل آهي.

قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) بل 2023 جو حوالو ڏيندي وفاقي وزير چيو ته پارليامينٽ پنهنجو فرض صحيح وقت تي ادا ڪيو آهي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ اهڙا فيصلا ڪيا ويا، جن سماج ۾ ڏار وڌا، سپريم ڪورٽ جو فيصلو اندروني معاملو نٿو ٿي سگهي، ان معاملي سان پوري قوم جڙيل آهي.

هن وڌيڪ چيو ته معاملي تي موجود شڪ شبهن کي ختم ڪيو وڃي ۽ ان کي فل ڪورٽ ذريعي حل ڪيو وڃي.

Read Previous

شهباز گل کي آمريڪا وڃڻ جي اجازت ملي وئي

Read Next

خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀائرن خلاف ريفرنس نيب کي واپس

Most Popular