وزيراعظم جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Qazi Faez Isa

وزيراعظم شهباز شريف سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل ڪرايل ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ان حوالي سان حڪومت جو چوڻ آهي ته ڪيوريٽو ريفرنس ڪمزور ۽ بي بنياد ڪارڻن تي ٻڌل ڪيوريٽو ريفرنس داخل ڪيو ويو.

حڪومت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس جي پيروي نه ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.

وزيراعظم قانون واري وزير کي ڪيوريٽو ريفرنس واپس وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهرڀاتين کي ريفرنس جي نالي تي هراسان ۽ بدنام ڪيو ويو.

سندس چوڻ آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس نه هو، اها عمران نيازي جي منصفاڻي جج خلاف انتقامي ڪارروائي آهي.

وزيراعظم چيو ته اها عدليه جي آزادي تي راتاهي ۽ ورهائڻ جي هڪ سازش هئي، پاڪستان بار ڪائونسل ۽ وڪيلن جي تنظيمن به ان ريفرنس جي مخالفت ڪئي.

هن اهو به چيو ته ان حوالي سان پاڪستان بار سميت وڪيل تنظيمن جي راءِ قابل قدر آهي.

واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪابينا ان فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

Read Previous

پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ملتوي ڪيس: سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ ٽُٽِي وئي

Read Next

سينيٽ به سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل منظور ڪري ورتو

Most Popular