سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران 108 صحافين جي مالي امداد جي منظوري

Sindh Information

ڪراچي: صحافين جي مالي مدد لاءِ جوڙيل ڪميٽي جو اجلاس اڄ سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نديم الرحمان ميمڻ جي صدارت هيٺ اطلاعات کاتي جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو.

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته انفارميشن کاتي جي ڊويزنل ڊائريڪٽوريٽ ۾ صوبي جي ٻين ڊويزنن جي صحافين جي مالي سهائتا لاءِ اجلاس منعقد ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪراچي ڊويزن جي صحافين جي مالي سهڪار لاءِ هي اجلاس منعقد ڪيو پيو وڃي.

اجلاس ۾ ڪميٽي صحافين پاران سنڌ حڪومت کي مالي مدد لاءِ ڏنل هر هڪ درخواست جو بغور جائزو وٺڻ بعد 108 درخواستن تي مالي امداد جي منظوري ڏني.

اجلاس ۾ ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس ڊپارٽمينٽ آف انفارميشن محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي ۽ اطلاعات کاتي جي ٻين آفيسرن کان علاوه معروف صحافين مظهر عباس، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، طاهر حسن خان ۽ عبدالرشيد ميمڻ پڻ شرڪت ڪئي. .

Read Previous

اسحاق ڊار سينيٽ ۾ آءِ ايم ايف سان ڊيل لاءِ ٽائيم لائن ڏيڻ کان لنوائي ويو

Read Next

گذريل حڪومت جي پاليسين سبب اهڙا معاشي نتيجا سامهون آيا، جيڪي ڪنٽرول ۾ ئي ناهن: بلاول ڀٽو

Most Popular