گذريل حڪومت جي پاليسين سبب اهڙا معاشي نتيجا سامهون آيا، جيڪي ڪنٽرول ۾ ئي ناهن: بلاول ڀٽو

پاڪستان جي پرڏيهي وزير پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾قائم ڊپلوميٽڪ ڪور جي لاء پرڏيهي وزارت ۾ سندس پاران ڏنل افطار ڊنر ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته گذريل حڪومت جي پاليسين سبب اهڙا معاشي نتيجا سامهون آيا، جيڪي ڪنٽرول ۾ ئي ناهن.

پرڏيهي وزير چيو ته رمضان جي مقدس مهيني ۾پوري دنيا ۾مسلمان روزا رکندا آهن، هڪ مسلمان جي حيثت سان هي مهينو انهن جو احساس ڪرڻ سيکاري ٿو، جن وٽ وسيلا گھٽ آهن، کاڌي ۽ آسائشن جي سهولت ناهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سمورن معاشرن ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن، فقط پاڪستان ۾نه جيڪي يقين نه ايندڙ حد تائين مشڪل وقت ڏسي رهيا آهن، تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ته ڪيتريون ئي ڏکيائيون اسان جون پنهنجو بڻايل آهن.

هن چيو ته اجتماعي طور تي گذريل حڪومت پاران اختيار ڪيل اقتصادي پاليسين سبب اسان ڪافي فيصلن جا معاشي نتيجا ڀوڳيون پيا، جيڪي اسان جي اختيار ۾ئي ناهن، ماڻهن ٻوڏ تباهي جي اثرن کي به منهن ڏنو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جاگرافيءَ سياسي صورتحال به دنيا جي مسئلن ۾واڌارو ڪيو، رمضان ياد ڏياري ٿو ته اهو ممڪن آهي ته اسان جي عملن جا نتيجا انهن کي ڀوڳڻا پوندا، جيڪي شايد ايترا اختيار نٿا رکن جيترا اسان وٽ آهن.

پ پ چيئرمين چيو ته اسان وٽ موقعو آهي ته انهن جي زندگين تي هاڪاري اثر وجهي سگهون ٿا، جيڪي گهٽ خوش قسمت آهن، اها اسان جي اجتماعي ڪوشش هجڻ گهرجي ته ان کي انتهائي حد تائين گهٽ ڪرڻ جو هڪ نقطو بڻايون.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسين معاشي بحران مان گذري رهيا آهيون، جڏهن ناڻي واري وزارت اڃا تائين آئي ايم ايف سان ڳالهيُون ڪري رهي آهي ان سان گڏ ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو اهم ڪم اسان سامهون آهي.

Read Previous

سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران 108 صحافين جي مالي امداد جي منظوري

Read Next

سنڌ ۾ ايمبولينس مان ڦر جو وڌيڪ هڪ واقعو، قاضي احمد ڀرسان ڦورن جو ڊرائيور تي تشدد، ڦرلٽ

Most Popular