ڊونلڊ ٽرمپ تي پورن اسٽار کي ڳجهي نموني پئسا ڏيڻ تي فرد جرم لاڳو ٿيندو

Trump

اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي اڳوڻي پورن اسٽار اسٽارمي ڊينيئلز کي ڳجهي رقم ادا ڪرڻ جي الزام ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

هن کي ايندڙ اڱاري تي نيو يارڪ جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي اميد آهي، پر اهو اڃا تائين واضح ناهي ته ڊونلڊ ٽرمپ تي ڪهڙو الزام لڳايو ويندو

ڊينيلز دعويٰ ڪئي آهي ته هن جو اڳوڻي صدر سان لاڳاپو هو ۽ کيس خاموش رهڻ لاءِ پئسا ڏنا ويا هئا.

ٽرمپ سختي سان انهن الزامن کي رد ڪندي سياسي ظلم قرار ڏنو آهي، هي پهريون اڳوڻو آمريڪي صدر هوندو جنهن تي فوجداري الزامن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

Read Previous

بابر اعظم ۽ حارث رئوف روحاني سفر جا لمحا مداحن سان شيئر ڪيا

Read Next

برطانوي اربپتي رچرڊ برانسن جي راڪيٽ ڪمپني 85 سيڪڙو ملازم فارغ ڪندي

Most Popular