اسلام آباد پوليس نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ تيار

اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته اها نيوزيلينڊ جي دوري تي آيل ڪرڪيٽ ٽيم کي مڪمل فول پروف ۽ ورلڊ ڪلاس سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

اسلام آباد پوليس وسيلن جي کوٽ سبب سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، پوليس عملدارن پي سي بي کي آگاهه ڪيو ته انهن وٽ ضروري وسيلا ناهن ته اهي سيريز دوران نيوزيلينڊ ٽيم کي سيڪيورٽي فراهم ڪن.

پوليس اهلڪار هن وقت رمضان جي مقدس مهيني جي حوالي سان مختلف سرگرمين ۾ مصروف آهن، جن ۾ مفت اٽو ورهائڻ ۽ مردم شماري ڪرائڻ شامل آهن.

ٻئي طرف انسپيڪٽر جنرل آف پوليس ڊاڪٽر اڪبر ناصر خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسلام آباد ڪيپيٽل پوليس نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي فول پروف ۽ ورلڊ ڪلاس سيڪيورٽي فراهم ڪندي.

هن وڌيڪ چيو ته 23-2022 ۽ پي ايس ايل 8 ۾ انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري دوران ڪيپيٽل پوليس طرفان اعليٰ سطحي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي.

ڪيپيٽل پوليس اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان گڏ بي عيب سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.

Read Previous

سينيئر پروڊيوسر ۽ اداڪار طارق جميل پراچا لاڏاڻو ڪري ويو

Read Next

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري لاءِ رواني ٿي وئي

Most Popular