اليڪشن ڪميشن کي 10 اپريل تائين پنجاب چونڊن لاءِ فنڊ نه ملڻ جو امڪان

اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب اليڪشن ڪميشن کي پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ سڀاڻي (10 اپريل) تائين فنڊ ملڻ جو امڪان ناهي.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان به تصديق ڪئي ته اليڪشن ڪميشن کي اڃا تائين فنڊ نه مليا آهن.

حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن کي 10 اپريل تائين فنڊ ملڻ جو امڪان ناهي، ڇو ته هن وقت تائين اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو ڪو به اجلاس نه ٿيو آهي.

ياد رهي ته توهين عدالت ڪيس ۾ فنڊز جي فراهمي نه ٿيڻ جي صورت ۾ ناڻي واري وزير ۽ ناڻي واري سيڪريٽري کي سپريم ڪورٽ آڏو جوابده ٿيڻو پوندو.

سپريم ڪورٽ 4 اپريل تي ناڻي واري وزارت کي پنجاب ۾ چونڊن لاءِ 10 اپريل تائين اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپيا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

Read Previous

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري لاءِ رواني ٿي وئي

Read Next

وفاقي ڪابينا جو چونڊن لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ جو معاملو پارليامينٽ ۾ کڻڻ جو فيصلو

Most Popular