ٽنڊي الهيار ۾ ايس ٽي پي جو پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف مظاهرو

ٽنڊوالھيار (رپورٽ: فرقان علي بوزدار) ٽنڊوالهيار ايس ٽي پي اڳواڻن جو احتجاجي مظاهارو ڪيو.

پروفيسر اجمل ساوند جي مبينا طور قتل ٿيڻ خلاف اڳواڻن ۽ ڪارڪنن محبوب سمون، عبدالمالڪ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي هنن چيو ته پروفيسر اجمل ساوند قبيلائي جھيڙن جو کاڄ بڻجي ويو، وڏيرا شاھي ۽ جهالت سنڌ جو شعور کائي وئي، هڪ صوفي روح قتل ٿيو آهي، جنهن تي سموري سنڌ سراپا احتجاج آهي.

هنن چيو ته فرانس مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪري ايندڙ پروفيسر جو قتل ٿيو آهي, هو ميٿميتڪس جو ماهر هو کيس ڪهڙي خبر ته جهالت سندس پيڇو ڪري رهي آهي.

سندن چوڻ هو ته هي قتل جيڪڏهن ڪراچي ۾ ٿئي ها ته وزيراعلي مراد علي شاھ ضرور پهچي ها ڇو ته کيس پنهنجن سان پيار آهي, سنڌ پوليس ڪشمور ۾ ايتري بيوس آهي جو پنهنجي پوليس آفيسرن جي قاتلن کي به گرفتار نٿي ڪري سگهي.

هنن چتاءُ ڏنو ته اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ آئي جي سنڌ کان گھر ٿا ڪريون ته جلد از جلد شھيد اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي نه ته ايس ٽي پي سڄي سنڌ ۾ سراپا احتجاج رھندي.

Read Previous

حيدرآباد ۾ ايس ٽي پي جو پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف مظاهرو

Read Next

ڪنڌڪوٽ ۾ پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿيا، احتجاج

Most Popular