اليڪٽرڪ ڪار ٺاهيندڙ ڪمپني ٽيسلا جو چين ۾ ميگا فيڪٽري کولڻ جو اعلان

اليڪٽرڪ ڪار ٺاهيندڙ ٽيسلا ٽوئٽر تي اعلان ڪيو آهي ته اها شنگھائي ۾ هڪ ميگا فيڪٽري کولي رهي آهي.

فيڪٽري هڪ سال ۾ 10 هزار ميگا پيڪ پيدا ڪرڻ جي قابل هوندي، جيڪي تمام وڏي بيٽريون آهن ۽ يوٽيلٽي اسڪيل تي بجليءَ کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿينديون آهن، ڪمپني نئين فيڪٽري جو اعلان چين ۾ هڪ دستخطي تقريب جي تصوير سان ڪيو.

ايلون مسڪ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ٽيسلا ڪيليفورنيا ۾ ميگا پيڪ فيڪٽري جي پيداوار وڌائڻ لاءِ شنگهائي ۾ ميگا پيڪ فيڪٽري کولي رهي آهي.

چين جي سرڪاري ميڊيا آئوٽ شنهوا سڀ کان پهريان هن خبر کي رپورٽ ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪٽرڪ ڪار ٺاهيندڙ هن سال جي ٽئين ٽه ماهي ۾ شروعات ٿيندي ۽ 2024 جي ٻي ٽه ماهي ۾ پيداوار شروع ڪئي ويندي.

ٽيسلا ليٿرپ، ڪيليفورنيا ۾ هڪ ميگا فيڪٽري هلائي ٿي، جيڪا هر سال 10,000 ميگا پيڪ يونٽ پيدا ڪرڻ جي قابل آهي، جيڪو 40 گيگا واٽ ڪلاڪ توانائي جي اسٽوريج جي برابر آهي.

Read Previous

الجزائر جي حڪومت پاران امام وليد جي اعزاز ۾ آجياڻي جي تقريب

Read Next

آمريڪي نوجوان نسل ٽڪ ٽاڪ کانسواءِ زندگيءَ جو تصور ڪيئن ڪري ٿو؟

Most Popular