ايشيا ڪپ کي هنڌ کي فائنل ڪرڻ لاءِ ٻين ٽيمن جي جواب جو انتظار آهي، جئي شاه

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي سربراهه جئي شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر ايشيا ڪپ 2023ع لاءِ ڀارتي ٽيم کي پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ايشيا ڪپ 2023ع تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) وچ ۾ تڪرار سبب ٽورنامينٽ ٿيڻ تي شڪ پيدا ٿي ويا آهن.

رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر ۽ سيڪريٽري بي سي سي آءِ جئي شاهه ايشيا ڪپ جي جڳهه تي شرڪت ڪندڙ ٽيمن جي جواب جو انتظار ڪري رهيا آهيون، جنهن کانپوءِ ايشيا ڪپ جو هنڌ فائنل ڪيو ويندو.

جيئي شاهه انڪشاف ڪيو ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل 26.2 ملين آمريڪي ڊالر ڪمايا آهن، اضافي آمدني پيدا ڪرڻ جو تاريخي سنگ ميل حاصل ڪيو.

Read Previous

فوجي قيادت عوامي سهڪار سان آئيني ذميواريون نڀائڻ لاءِ پرعزم آهي: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

Read Next

ابراهيم علي خان سان لاڳاپن تي پلڪ تيواري جو ردعمل سامهون اچي ويو

Most Popular