ابراهيم علي خان سان لاڳاپن تي پلڪ تيواري جو ردعمل سامهون اچي ويو

ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا پلڪ تيواري مشهور اداڪار سيف علي خان جي پٽ ابراهيم علي خان سان پنهنجي لاڳاپن تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي.

تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ اداڪارا چيو ته ابراهيم سندس دوست آهي ۽ هو کيس پسند ڪري ٿي ۽ هو هر قسم جي سماجي پارٽي ۾ ابراهيم سان ملڻ چاهي ٿي.

بالي ووڊ ۾ ڪافي عرصي کان پلڪ ۽ ابراهيم جي ڊيٽنگ جون افواهون گرم آهن ۽ ٻنهي کي اڪثر گڏ ڏٺو ويندو آهي.

پلڪ تيوار ڀارتي اداڪارا شيوتا تيواري جي ڌيءَ آهي ۽ هوءَ پنهنجي بالي ووڊ ڪيريئر جي شروعات سلمان خان جي فلم ”ڪسي ڪا ڀائي ڪنهن جي جان“ سان ڪري رهي آهي.

اداڪارا تازو ئي فلم جي اسٽار ڪاسٽ سان گڏ فلم جي ٽريلر لانچ تقريب ۾ شرڪت ڪئي, سلمان خان جي نئين فلم عيدالفطر جي موقعي تي 21 اپريل تي سڄي دنيا ۾ رليز ڪئي ويندي.

Read Previous

ايشيا ڪپ کي هنڌ کي فائنل ڪرڻ لاءِ ٻين ٽيمن جي جواب جو انتظار آهي، جئي شاه

Read Next

پلواما حملي تي ستيا پال ملڪ جو بيان پاڪستان جي موقف جي تصديق آهي: پرڏيهي آفيس

Most Popular