موري ۾ مهراڻ انجنيئرنگ فورم جو پروفيسر اجمل ساوند جي قتل ۽ سرداري نظام خلاف احتجاج

مورو ۾ مھراڻ انجنيئرنگ فورم پاران شھيد پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل، قبائلي تڪرار، جاگيرداري ۽ سرداري نظام خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن الطاف حسين ڪورائي، يار مهمد ملاح جگديش ڪمار، محمد علي ڪورائي، محمد لائق راھو، جاني ڍلو، رمضان ڏھر، دانش پيرزادو، نذير احمد ڀٽي ۽ ٻين چيو ته عمومي طور سڄي سنڌ ۽ خصوصي طور اتر سنڌ اندر سرداري نظام کي ٽيڪو وٺرائي عوام جي ڳچي ۾ وڌو ويو آھي.

هنن چيو ته قبائلي نظام تحت عوام کي ٿڏيو پيو وڃي، ان قبائليت جي نتيجي ۾ سون جي تعداد ۾ عام ڳوٺاڻن کان ويندي اجمل ساوند جھڙا عالمي دنيا جي يونيورسٽين مان پڙھيل نوجوانن کي قتل ڪيو وڃي ٿو.

ھنن چيو ته ھن جديد دور اندر ڪچي جي ڌاڙيلن جي انڊسٽري قائم ٿي چڪي آھي، جيڪي عام ماڻھن جي اغوا ۽ قتل جھڙين وارداتن ۾ ملوث آھن، پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاموش بڻيل آھن.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شھيد پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن ۽ سندن پٺ ڀرائي ڪندڙ قبائلي سردارن کي فوري طور گرفتار ڪري کين سزائون ڏنيون وڃن، جاگيرداري نظام کي ختم ڪرايو وڃي ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف اثرائتا اپاءُ وٺي امن بحال ڪرايو وڃي ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

ڪنهن به شخص يا ملڪ لاءِ لابنگ ناهيان ڪندو، زلمي خليل زاد

Read Next

وفاقي ڪابينا اليڪشن فنڊز جي فراهمي جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular