بجلي وڌيڪ 2 رپيا 40 پئسا في يونٽ مهانگي ٿي وئي، نيپرا اضافي جي منظوري ڏئي سمري حڪومت کي اماڻي ڇڏي
نگران وفاقي سرڪار جي حتمي فيصلي کان پوءِ واهپيدار 3 ماهي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ايندڙ 6 مهينن لاءِ 2 رپيا 40 پئسا في يونٽ اضافي رقم ادا ڪندا
نوان اگهه ڪراچي سميت سموري ملڪ جي بجلي واهپيدارن تي لاڳو هوندا، شهرين جون دانهون نڪري ويون
بجلي بلن ۾ واڌ بعد احتجاجن باوجود نگران سرڪار عوام کي رليف ڏيڻ بدران ويتر بجلي مهانگي ڪري ڇڏي