هلندڙ سال جو ٻيو ۽ آخري سج گرهڻ 14 آڪٽوبر تي ٿيندو.
هن گرهڻ کي Ring of Fire سڏيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان دوران چنڊ سج کي اهڙيءَ طرح لڪائي ڇڏيندو جو ان جو ٻاهريون حصو انگوزي يا خول وانگر نظر ايندو.
هي سج گرهڻ پاڪستان ۾ نه پر رڳو اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ نظر ايندو.
گرهڻ 14 آڪٽوبر تي پاڪستاني وقت موجب رات 8 لڳي 35 منٽن تي شروع ٿيندو ۽ 15 آڪٽوبر تي رات 2 لڳي 25 منٽن تي ختم ٿيندو.