نيپال: زلزلي سبب لينڊ سلائيڊنگ دوران عورت فوت ٿي وئي

نيپال ۾ زلزلي سبب لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي.

پوليس موجب امدادي ڪاررواين کي ڪجهه انساني لاش مليا آهن جن مان ظاهر آهي ته گم ٿيل عورت فوت ٿي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته لينڊ سلائيڊنگ ۾ هڪ عورت کانسواءِ وڌيڪ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.

عالمي ميڊيا رپورٽن موجب نيپال جي بجهانگ ضلعي ۾ گذريل ڏينهن 6.3 ۽ 5.3 جي شدت جا 2 زلزلا آيا.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته زلزلي جي شدت سبب ڪيترائي گهر ڊهي پيا، جنهن سبب 16 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن.

Read Previous

حيدرآباد ۾ ڀاڄائي سان شادي ڪرڻ لاءِ ننڍي ڀاءُ وڏي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

Read Next

هلندڙ سال جو آخري سج گرهڻ 14 آڪٽوبر تي ٿيندو

Most Popular