ڀارت ۾ پرڏيهي فنڊنگ جو الزام، ڪيترائي صحافي گرفتار

گذريل ڏينهن ڀارت ۾ پوليس ڪيترن ئي صحافين جي گهرن تي ڇاپا هڻي کين گرفتار ڪيو هو.

عالمي ميڊيا رپورٽن موجب گرفتار صحافين جو تعلق ويب سائيٽ ’نيوز ڪلڪ‘ سان آهي، جنهن تي پرڏيهي فنڊنگ حاصل ڪرڻ جو الزام آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي پوليس صحافين کي گرفتار ڪرڻ بعد سندن موبائل فون ۽ ليپ ٽاپ به ضبط ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب گرفتار ٿيل صحافين ۾ پربير پورڪيٿ، آننديو چڪرورتي، ڀاشا سنگهه ۽ پرانجي گوها ٺڪرتا شامل آهن.

انهن صحافين کان علاوه مزاحيه اداڪار سنجي راجورا ۽ سماجي ڪارڪن تيستا سيٽلواد کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

Read Previous

هلندڙ سال جو آخري سج گرهڻ 14 آڪٽوبر تي ٿيندو

Read Next

آمريڪي هائوس جي اسپيڪر مڪ ڪارٿي کي عهدي تان هٽايو ويو

Most Popular