لاڙڪاڻو ۾ کنڀي گم ڪيلن جا وارث سندس بازيابي لاءِ احتجاج ڪندي

لاڙڪاڻو:  لاڙڪاڻي مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل 3 نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان هٿن ۾ بينر کڻي ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ضياءُ الدين مغيري، عبدالڪريم ٽڳڙ، عبداللطيف سولنگي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيو ته مختلف وقتن تي اسان جي پيارن غلام عمر مغيري، عبدالڪريم ٽڳڙ ۽ غلام مرتضيٰ سولنگي کي بيگناھ کنڀي گم ڪيو آهي، جنهن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جڏهن ته کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي آزادي لاءِ اسان روز جي بنياد تي احتجاج ڪري اپيلون ڪري رهيا آهيون، پر هن وقت تائين ڪو تدارڪ نه ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته نوجوانن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جي گهرن ۾ پريشاني واري صورتحال ڇانيل آهي، جڏهن ته سندن جون امڙيون ۽ معصوم ٻچڙا پنهنجي پيارن کي روئي ياد ڪندا رهن، جيڪو وقت گهر ۾ انتهائي ڏکائيندڙ هوندو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي پيدا ٿيل پريشاني ختم ڪئي وڃي. 

Read Previous

لاڙڪاڻو: نور ڪالوني واسي عورت پاران معصوم ٻارڙن سان گڏ بااثر خلاف احتجاج

Read Next

کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار، ڪيترائي زخمي

Most Popular