خيرپور: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي سول اسپتال خيرپور ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري 6 ڏينهن واري پوليو مهم جو افتتاح

خيرپور (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي سول اسپتال خيرپور ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري 6 ڏينهن واري پوليو مهم جو افتتاح  ڪيو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور چيو ته پنهنجي 5 سالن جي عمر جي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پيارين ته جيئن انهن کي سڄي عمر جي معذوري کان بچائي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر، ڊي ايچ او محمد حسين ابڙو کي هدايت ڏيندي چيو ته پوليو مهم جي نگراني ڪري 5 سالن جي عمرجي هر ٻار تائين پوليو ٽيم جي پهچ کي يقيني بڻائين ۽ ضلعي خيرپور ۾ پوليو بابت هائي رسڪ يونين ڪونسلن ۾ پڻ ڀرپور توجهه سان پوليو کان بچاءَ جي ڦڙن پيارڻ واري عمل کي يقيني بڻايووڃي. ان موقعي تي ڊي ايڇ او خيرپور محمد حسين ابڙو ٻڌايو ته ضلعي خيرپور جي 8 تعلقن جي 4 لک 94 هزار 148 ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا مهم دوران پياريا ويندا ۽ جنهن لاءِ 295 ايريا انچارجن جي نگراني هيٺ 1222 ٽيمون پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ پنهنجون پنهنجون ڊيوٽيون سر انجام ڏينديون. ان موقعي تي ميڊيڪل سپرينٽنڊنٽ ڪليم الله ميمڻ، ڊاڪٽر ڪامران لاشاري، ڊاڪٽر ذولفقار چنه ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سول اسپتال ۾ ٻارن واري وارڊ جو دورو پڻ ڪيو.

Read Previous

لاڙڪاڻي : نصير آباد جي ڳوٺ مڏا ڏيرا جي رهواسي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن طرفان بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

Read Next

4 ڏينھن اڳ بي گناھ قتل ٿيل نوجوان ذيشان شيخ جي قاتلن جي گرفتاري لاء ٻٻرلوء جي رھواسي وارثن پريس ڪلب سکر آڏو احتجاجي مظاھرو

Most Popular