لاڙڪاڻي : نصير آباد جي ڳوٺ مڏا ڏيرا جي رهواسي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن طرفان بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ۾ نصير آباد جي ڳوٺ مڏا ڏيرا جي رهواسي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن طرفان بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن مائي بصران بروهي، مائي صدوري، ساران خاتون، غلام حسين بروهي، زرين خان، مراد علي، سڪندر علي، علي حسن بروهي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ڳوٺ ۾ اسان جي ذات جي ٻن ڌرين وچ ۾ زمين جي معاملي تان سال 2013ع کان وٺي خوني تڪرار هلندڙ آهي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪجھ سال اڳ هاشم بروهي جي ڌر فائرنگ ڪري عبدالنبي بروهي کي قتل ڪيو هو، جنهن جي پلاند ۾ مقتول عبدالنبي بروهي جي مائٽن سعيد بروهي، ثناءِ الله بروهي ۽ ٻين ڏيڍ سال اڳ هاشم بروهي جي ڌر جي چئن ڄڻن جنهن ۾ محمد هاشم بروهي سميت سندس مائٽن محرم، سليم ۽ اسلم بروهي کي سعيد بروهي ۽ ٻين قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن واقعي جو ڪيس نصير آباد ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو، جنهن ۾ اسان جي ماڻهن جا بيگناھ نالا شامل ڪيا ويا، جڏهن ته چئن ڳوٺاڻن جي بااثر مائٽن بلاول بروهي، محمد عظيم، محمد قاسم، نظر محمد بروهي، علي دوست، الله بخش، عيد محمد بروهي ۽ ٻيا ڏاڍ تي اسان کي ڳوٺ مان نيڪالي ڏئي اسان جي 20 گهرن ۽ 500 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسان جي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪري لکين روپين جي قيمتي سامان جي ڦر لٽ پڻ ڪئي وئي، هن وقت تائين بااثر اسان کي ڳوٺ ۾ اچڻ به نه ٿا ڏين ۽ نه ئي زمينون آباد ڪرڻ ٿا ڏين. هنن چيو ته اهڙيون دانهون اسان علائقي جي چڱن مڙس، برادري جي معزز ماڻهن ۽ پوليس جي اعليٰ عملدارن کي ڏنيون آهن، پر هن وقت تائين ڪو به تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي، اسان معصوم ٻارڙن سميت دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون، جڏهن ته جهيڙيندڙ ڌرين سان اسان جو ڪو به واسطو نه آهي نه ئي قتل ٿي ويل چئن ڳوٺاڻن واري ڪيس ۾ اسان ملوث نه آهيون. جنهن لاءِ اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ سميت ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته معاملي جو نوٽيس وٺي مسئلي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي اسان جي گهرن ۽ زمينن تي ٿيل قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

مٽياري . رپورٽ . اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري پاران ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪاروايون ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ هڪ هوٽل ۽ 4 دڪان سيل ڪيترن ئي دڪاندارن تي ڏنڊ

Read Next

خيرپور: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي سول اسپتال خيرپور ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري 6 ڏينهن واري پوليو مهم جو افتتاح

Most Popular