ڳوٺ خميسو خان مزاري رھواسين جي مختيار ڪار ڪشمور ناجائزين خلاف ڪشمور پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو

ڪشمور : ڳوٺ خميسو خان مزاري رھواسين جي مختيار ڪار ڪشمور  ناجائزين خلاف ڪشمور پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو ۽ مختيار ڪار ڪشمور خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي احتجاج ڪندڙن ۾ ڪرم علي ملڪ، عبدالحڪيم، محمد يوسف مزاري ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڊي سي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۽ مختيار ڪار ڪشمور ھڪ بااثر جي حڪم تي ۽ ھندو اشوڪ ڪمار جي ونگار وھندي اسان جي زمينن تي قبضو ڪيو آهي ۽ ڪشمور پوليس انڪروچمينٽ پوليس ۽ ٻيا اٽالا ساڻ ڪري ۽ سپريم ڪورٽ جو جواز ڄاڻائي اسان جي زمين ۾ پوکيل فصل ڪڻڪ جو ٽريڪٽر سان نقصان ڏيئي ۽ ان تي قبضو ڄاڻايو آهي ۽ اسان جي نوجوانن کي گرفتار ڪري ٻن ڏينهن تائين بغير ڪنهن ڪيس جي لاڪپ ڪري ڇڏيو اسين چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ وزير اعلي سنڌ کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڊي سي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ مختيار ڪار ڪشمور خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ اسان جي زمينن مٿان ڪرايل قبضا ختم ڪرايا وڃن 19/70 کان وٺي اسان جي ھيٺيان زير آباد آھن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

Read Previous

گھوٽڪي جي علائقي عادلپور جي رھواسي ڪلھوڙو برادري جي مرد عورتن پنھنجي برادري جي بااثر ماڻھن جي زيادتن خلاف پريس ڪلب سکر آڏو احتجاجي مظاھرو

Read Next

وفاقي حڪومت ملتان جلسي کي روڪڻ لاء ناڪام ڪوشش ڪري جلسي کي ڪامياب بڻائي ڇڏيو آھي: خورشيد شاھ

Most Popular