وفاقي حڪومت ملتان جلسي کي روڪڻ لاء ناڪام ڪوشش ڪري جلسي کي ڪامياب بڻائي ڇڏيو آھي: خورشيد شاھ

سکر( رپورٽ ۔امداد علي گل ڪلوڙ )  احتساب عدالت خورشيد احمد شاھ  ۽ ان جي گھر واري صوباءي وزير سيد اويس قادر شاھ سميت 18 ماڻھن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو يارنھن 11 ڊسمبر  تاءين ٻڌڻي ملتوي خورشيد شاھ سميت ٻين جوابدارن پاران فردم جرم صحت کان انڪار احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي جرم فرد لاڳو ڪيو خورشيد شاھ سميت 18 ملزمن مٿان ھڪ ارب 23 ڪروڙن جو ريفرنس نيب داخل ڪيو ھو خورشيد شاھ چوڏنھن مھينا 12 ڏينھن زير حراست ۾ رھڻ بعد فيصلو احتساب عدالت فيصلو  ٻڌايو  تفصيل موجب ـ پي پي ايم اين اي خورشيد احمد شاهه ۽ ٻين  18 ماڻھن خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي فرد جرم لاڳو ٿي ويو    پي پي ايم اين اي خورشيد احمد شاهه کي اين آئي سي وي ڊي اسپتال کان ايمبولينس جي ذريعي سکر جي احتساب عدالت ۾ آندو ويو ، احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي آمدن کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ،  آمدن کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ڪيس ۾ نامزد صوبائي وزير اويس قادر شاھ سميت ٻيا جوابدار پيش ٿيا ، ڪيس ۾ نامزد ھڪ جوابدار غير حاضر ھئڻ سبب عدالت ٻڌڻي جي ڪاروائي 3 وڳي تائين ملتوي ڪئي  جنھن بعد  ٻيھر ڪاروائي 3 بجي  ھلائي وءي ،  نيب آمدن کان وڌيڪ ريفرنس ڪيس ۾ خورشيد شاهه سميت 18جوابدارن تي ھڪ ارب 23 ڪروڙ روپين ڪرپشن جو ريفرنس ڪيس داخل ڪيو ھو  جنھن ريفرنس تي فرد جرم لاڳو ڪري ٻيھر يارنھن ڊسمبر تاءين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي  ،ان موقعي تي عدالت ٻاهران پي پي اڳواڻ ايم اين اي خورشيد احمد شاهه ميڊيا سان  ڳالهائيندي چيو  آھي ته وفاقي حڪومت ملتان جلسي کي روڪڻ لاء ناڪام ڪوشش ڪري جلسي کي  ڪامياب بڻائي  ڇڏيو آھي ،حڪومت پاران ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ رڪاوٽن باوجود جلسو ٿي رھيو آھي ملتان جو جلسو ھڪ  تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري ويو آھي ، خورشيد شاھ چيو ته وفاقي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آھي ، حڪومت پنھنجون ناڪاميون لڪائڻ لاء ڪارڪن کي  تشدد جي ذريعي ھيسائي رھي آھي  ،ھن چيو ته عمران خان چيو ته اپوزيشن کي جلسي لاء ڪنٽينر. فراھم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پر  ، ھاڻي جلسو ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي ،خورشيد شاھ چيو ته ملڪ ۾ مھانگائي عروج تي آھي گئس بجلي جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن پر وزيراعظم چوي پيو اين آر او نه ڏيندس ، اين  آر او ھو ڏئي به نٿو سگھي ھن چيو  نيب کي مون خلاف ڪي به ثبوت ھٿ ناھن آيا ، مون خلاف لڳايل الزام ھن وقت تائين نيب ثابت ناھي ڪري سگھي ، سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي ، ھن چيو ت فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آھي يارنھن تاريخ تي خبر پوندي ت پھريون وارو ريفرنس مطابق يا ٻيو خورشيد شاھ چيو ت عوام سان عمران حڪومت جنگ پءي ڪري جيڪا پارليامينٽ جنگ آھي عوامـسسن جنگ پارليامينٽ سان جنگ آھي عوام بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھي انـسان خطر ناڪ نتيجا نڪرندا ھي حڪومت رياستن تي طاقت جو استعمال ڪري ٿي عامر ضياع کان وڌيڪ ھي طاقت ور ناھين جن عوام کي ڪوڙا ھنيان عوام ٽڪي ٽڪي لاء مھتاج بڻجي وءي آھي حڪومت کي ھوش مان ڪم وٺڻ گھرجي ملڪ جنھن انداز سان ھلاءي رھيا آھن ايءن حڪومتون ناھين ھلنديون ھن چيو ت  وفاقي حڪومت 50 لک گھر فراھم ڪرڻ جو عوام سان واعدو ڪيو ، جنھن تي ھن وقت تائين ڪو عمل ناھي ٿيو ،پر 50 لک ماڻھن گھر فراھم ڪرڻ بدران بي گھر ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن

Read Previous

ڳوٺ خميسو خان مزاري رھواسين جي مختيار ڪار ڪشمور ناجائزين خلاف ڪشمور پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو

Read Next

مير ظفر الله جمالي جي لاڏاڻي جي خبر غلط نڪتي

Most Popular