لاڙڪاڻي ڀرسان تعلقي باقراڻي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 24 سالا نوجوان فوت

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ڀرسان تعلقي باقراڻي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 24 سالا نوجوان فوت. رپورٽ موجب باقراڻي تعلقي جي مختيارڪار آفيس واري علائقي جي رهواسي 24 سالا نوجوان علي جان ولد غلام حسين تنيو کي بجلي جي بورڊ مان ڪرنٽ لڳي پيو، جنهن کي سندس وارثن کڻائي ڳڻتي جوڳي حالت لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ان موقعي تي فوتي نوجوان جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته نوجوان بجلي جي بورڊ ۾ موبائيل فون لڳائي رهيو هو ته کيس اوچتو ڪرنٽ لڳو ۽ هو بيهوش ٿي پيو، جنهن کي اسان کڻائي اسپتال آندوسين، پر نوجوان بچي نه سگهيو آهي. هوڏانهن فوتي نوجوان جو لاش اسپتال مان ضروري ڪاروائين بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو.

Read Previous

لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان گهرو اڻبڻت تان مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي

Read Next

نوشهروفيروز ۾ ٺيڪيدارن جو ايجوڪيشن ورڪس جي عملدارن جي رشوت خوري خلاف احتجاجي مظاهرو

Most Popular