خيرپور ۾ سنڌ ڪورٽ جي حڪم تي غير قانوني اڏاوتن جي آڙ ۾ غريبن جا گهر ڊاهڻ خلاف جسقم خيرپور جي سڏ تي آل پارٽيز ڪانفرنس پريس ڪلب خيرپور ۾ ڪوٺائي وئي

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ  ) خيرپور ۾ سنڌ ڪورٽ جي حڪم تي غير قانوني اڏاوتن جي آڙ ۾ غريبن جا گهر ڊاهڻ خلاف جسقم خيرپور جي سڏ تي آل پارٽيز ڪانفرنس پريس ڪلب خيرپور ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت جسقم جي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر ڪئي، ان موقعي تي جي يو آءِ اڳواڻ اويس ڦلپوٽو، سماجي اڳواڻ ميڊم شهناز شيخ، جيئي سنڌ تحريڪ جو اڳواڻ شبير جمالي، ايس يو پي اڳواڻ فياض خميساڻي، عوامي ورڪر پارٽي جي اڳواڻ نثار سومرو،  ايڊوڪيٽ نور تنيو، خرم مهيسر، ايوب لاشاري ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جسقم جي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم ناجائز قبضا هٽائڻ واري عمل جي آڙ ۾ ضلعي انتظاميا غريبن کان اجها کسي رهي آهي ۽ اميرن ۽ بااثرن طرفان ڪيل قبضن جي سرپرستي ڪئي پئي وڃي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته واپڊا اسڪارپ ڪالوني ۾ 300 کان وڌيڪ ملازمن جا ڪوارٽر آهن جن کي غير قانوني نوٽيس ڏئي وڏي مشينري ذريعي گهر ڊاهڻ لاءِ ڌمڪايو وڃي ٿو، هنن چيو ته اسڪارپ ڪالوني قانوني طور ڊپٽي ڪمشنر جي ماتحت به ناهي پر ان باوجود ڊي سي ملازمن جا گهر ڊاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن واپڊا اسڪارپ جو پي ڊي چاهي ته ڊي سي کي معن ڪري سگهي ٿو، هنن چيو ته سنڌ ڌرتي قدرتي وسيلن سان مالا مال آهن پر سنڌي ماڻهن کي اٽي لٽي ۽ اجهي کان به محروم ڪيو پيو وڃي، سنڌ جا نوجوان بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن، اي پي سي ۾ 8 رڪني گهر بچايو ڪاميٽي جوڙي وئي، گهر بچايو ڪاميٽي سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي کانپوءِ پنهنجي تحريڪ جو باقائده آغاز ڪندي، تحريڪ دوران شهيد بشير خان قريشي جو پٽ ۽ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ شهيد خالد محمود سومرو جو پٽ راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ ريلي پڻ ڪڍي ويندي، جڏهن ته گهر بچايو ڪاميٽي، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سان ملاقات ڪري غريبن سان ٿيندڙ ناجائزين بابت آگاهي رپورٽ پيش ڪندي.

Read Previous

ميھڙ مدرسه اھلبيت سفينہ ۾ مولوي عابد علي عرفاني، شيعه علماء ڪائونسل ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي

Read Next

ميھڙ ۾ 20 ڏينهن اڳ وقار شيخ کان ڦر ٿيل واري واقعي جو ايس ايڇ او رسول بخش پنهور پاران ڏنل مدو پورو شهري واپارين اڳواڻ پاران ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو ويو

Most Popular