ميھڙ ۾ 20 ڏينهن اڳ وقار شيخ کان ڦر ٿيل واري واقعي جو ايس ايڇ او رسول بخش پنهور پاران ڏنل مدو پورو شهري واپارين اڳواڻ پاران ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو ويو

ميهڙ رپورٽ ميربابا: ميھڙ ۾ ويهه ڏينهن اڳ وقار شيخ کان 1360000 ڦر ٿيل واري واقعي جو ايس ايڇ او رسول بخش پنهور پاران ڏنل مدو پورو شهري واپارين اڳواڻ پاران ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. تفصيل موجب ميهڙ ۾ ويهه ڏينهن اڳ وقار شيخ کان 1360000 ڦر ٿيل واري واقعي جو  ايس ايڇ او ميهڙ رسول بخش پنهور پاران ڏنل اڄ مدو پورو ٿي ويو جنهن تي شهرين نياز علي ٻرڙو، وقار شيخ، محمد ايوب کوسو، محمد اسماعيل بروهي، سرفراز احمد مھيسر، دليپ ڪمار، اشفاق تنيو، جاويد منگي،  سيد عبدالفتاح شاهه، سميع شيخ ۽ ٻين شهرين پاران ميهڙ ٿاڻي جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي وئي. ايس ايس پي دادو کي هٽايو وڃي شهرين جو مطالبو. وڌيڪ مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ايس ايڇ او ميهڙ رسول بخش پنهور طرفان لکت  ڪري ڏني ته مان هي ڦر ٿيل رڪوري ڪرائي ڏيندس نه ته مان پاڻ ڀري ڏيندس. اڄ ايس ايڇ او جو مدو پورو ٿيو آهي تيستائين احتجاجي مظاهرو جاري رکنداسين جيستائين وقار شيخ کان  ڦر  ٿيل رقم رڪور نه ٿي  ته اسان شھرين  احتجاجي مظاهرو جاري رکندا سين.

Read Previous

خيرپور ۾ سنڌ ڪورٽ جي حڪم تي غير قانوني اڏاوتن جي آڙ ۾ غريبن جا گهر ڊاهڻ خلاف جسقم خيرپور جي سڏ تي آل پارٽيز ڪانفرنس پريس ڪلب خيرپور ۾ ڪوٺائي وئي

Read Next

دادو: ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر دادو پاران پوليو مهم جو افتتاح

Most Popular