برطانيه ڪورونا ويڪسين استعمال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

لنڊن:   برطانيه آمريڪي دوائون تيار ڪندڙ ڪمپني فائزر طرفان تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين استعمال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب برطانوي صحت واري وزارت آمريڪي ۽ جرمني جون دوائون تيار ڪندڙ ڪمپنين جي تعاون سان تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين استعمال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ويڪسين عام استعمال جي لاءِ ايندڙ هفتي کان متعارف ڪرائي ويندي.  برطانيه ويڪسين استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ويڪسين جي پهرين خوراڪ برطانيه پهچڻ کان پوءِ جلد ئي هڪ ڪروڙ خوراڪون ملي سگهنديون. ان بابت ماهرن چيو آهي ته ويڪسين جي باوجود عوام کي ڪورونا بابت ايس او پيز سميت احتياط ڪرڻي پوندي ته جيئن هن وبا کي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي. برطانوي ريگوليٽر ايم ايڇ آر اي جو هن بابت چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي خلاف 95 سيڪڙو تائين تحفظ ڏيندڙ ويڪسين استعمال جي لاءِ محفوظ آهي. دوا تيار ڪندڙ ڪمپني فائزر آمريڪي ڊرگ اينڊ فوڊ ريگوليٽري اٿارٽي کان ويڪسين جي هنگامي بنيادن تي استعمال ڪرڻ جي اجازت به طلب ڪري رکي آهي.  ٻئي طرف دوا تيار ڪمپني جي سي اي او البرٽ بارولا ويڪسين جي استعمال جي اجازت ڪورونا وبا جي خلاف جنگ ۾ تاريخي سوڀ آهي. آمريڪي دوائون تيار ڪندڙ ڪمپني ۽ ان جي جرمني جي ڀائيوار بائيوٽڪ جو به اهو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن دوران ٻين ملڪن مان به ويڪسين جي استعمال جي اجازت حاصل ڪنداسين.

Read Previous

وفاق جي درخواست تي نئين آءِ جي سنڌ جي مقرري لاءِ پنج نالا اماڻي ڇڏيا آهن: مراد علي شاهه

Read Next

نيوزيلينڊ جو دورو: قومي ٽيم جي هڪ ٻئي رانديگر جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي

Most Popular