نوشهروفيروز: عرب ڪالوني جي رهواسين پاران پلاٽ تي قبضي ۽ وڪيل جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

نوشهروفيروز(ڊ ر( عرب ڪالوني جي رهواسين پاران پلاٽ تي قبضي ۽ وڪيل جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سائين رکيو چانڊيو، ارباب، ڌڻي بخش، ممتاز، قربان چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته عرب ڪالوني ۾ اسان جو 25 سئو فوٽ پلاٽ سائين رکيو ۽ صيفل چانڊيو جي نالي تي آهي جنهن جا اصلي ڪاغذ به اسان وٽ موجود آهن ان باوجود وڪيل سيد زاهد شاهه پلاٽ تي زبردستي قبضو ڪيو ويٺو آهي جڏهن اسان پلاٽ تي وياسين ته وڪيل سيد زاهد شاهه هٿياربند ساڻ ڪري اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ته پلاٽ تان هٿ کڻي وڃو نه ته مان وڪيل آهيان توهان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي جيل موڪلي ڇڏيندس. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدار هٿياربند موڪلي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي اعليٰ اختيارين کان مطالبو آهي ته پلاٽ تي قبضو ڪندڙ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ وڪيل سيد زاهد شاهه ۽ ٻين کي گرفتار ڪري پلاٽ تان قبضو ڇڏرائي ڏنو وڃي.

Read Previous

نوشهروفيروز: شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ساٿي سپاف شهيد ڀٽوجي مرڪزي اڳواڻ سينئر نائب صدر شهيد غلام مصطفيٰ مري جي 23هين ورسي ڳوٺ عيسيٰ خان مري ۾ ملهائي وئي

Read Next

نوشهروفيروز: ايس ٽي پي جا ڪارڪنن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

Most Popular