ڀان سيدآباد : شهر جي باء پاس روڊ تي قائم الرحمان ميڊيڪل اسپيشلٽي اسپتال ۾ غريب طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاء مفت ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي وئي

ڀان سيدآباد: رپورٽ نظام الدين ڳنڀير  ڀان سيدآباد شهر جي باء پاس روڊ تي قائم الرحمان ميڊيڪل  اسپيشلٽي اسپتال ۾ غريب طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاء مفت ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي وئي  ميڊيڪل ڪئمپ ۾ مختلف مرضن ۾ مهارت رکندڙ ماهر ڊاڪٽرن ڊاڪٽرياڻن عابده اشفاق، نائلا قريشي، عبدالڪريم سولنگي، نصرالله شاه، عامر ابڙو، عباس منگي، امجد راڄپر، نويد شيخ، رياض احمد ۽ ٻين ماهرڊاڪٽرن جي نگراني ۾ عورتن جي مختلف بيمارين، ٻارڙن جي بيمارين، هڏن جي سور، بخار، ڊائريا، شوگر، دل جي بيمارين،  سميت ٻين مختلف بيمارين ۾ مبتلا 500 کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو، مفت چيڪ اپ بعد سمورن مريضن کي مفت ۾ دوائون پڻ فراهم ڪيون ويون. ان موقعي تي ميڊيڪل ڪئمپ تي موجود ڊاڪٽر امجد حسين، منور برهماڻي ۽ ٻين ٻڌايو تہ ڀان سيدآباد ۽ آسپاس جي ماڻهن جي سهولت خاطرڪئمپ قائم ڪئي آهي، سمورن مريضن کي مفت ۾ دوائون پڻ فراهم ڪيون ويون آهن،هر مهيني ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي ويندي، هنن چيو تہ ٻهراڙي ۾صحت جون سهولتون نہ هجڻ سبب غريب ڳوٺاڻن کي مفت ۾ ميڊيڪل سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جو فرض آهي، شهر کان ڪئمپ جي شروعات ڪئي آهي جيڪا مختلف ڳوٺن تائين جاري رهندي، ڳوٺن ۾ به اهڙيون طبي ڪئمپون لڳايون وينديون.

Read Previous

نوشهروفيروز: ايس ٽي پي جا ڪارڪنن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

Read Next

سنڌ پريس ڪلب ميهڙ جي آفيس ۾ منور جانوري عورتن ۽ ٻچڙن سميت جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف داهو ڪندي

Most Popular