خيرپور: خيرپور ۾ نوجوانن اسڪائوٽس جو پروگرام ٿي گذريو

خيرپور: خيرپور ۾ نوجوانن اسڪائوٽس جو پروگرام ٿي گذريو. جنهن جي اوپن سيرمني  عطا حسين چانڊيو ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر سيشن ڪورٽ خيرپور، ڪئي. جناب شبير علي شيخ ڊويزنل اسڪائوٽ آرگنائزر، عبدالحق جانوري اسڪائوٽ ڊسٽرڪٽ سيڪريٽري خيرپور، لياقت علي ملاح گروپ اسڪائوٽ ليڊر، آصف اسلام نمائندو سنڌ بواء اسڪائوٽ ايسوسيئيشن ، محمد سليم بروهي اسڪائوٽ ليڊر ، مصرت علي منگي اسڪائوٽ ليڊر، مشتاق آريجو اسڪائوٽ ليڊر، ۽ خيرپور جي تمام اسڪائوٽس گروپس جي اسڪائوٽس ليڊرن و اسڪائوٽس هن ۾ شرڪت ڪئي، جنهن مختلف ايڪٽوٽيز ڪيون ويون. جنهن ۾ يوٿھ پروگرام سان گڏوگڏ، گروٿ آف اسڪائوٽ ميسينجر آف پيس ۽ انوائرونمينٽ ۽ ورلڊ اسڪائوٽ ايوارڊ، شامل آهن، يوٿھ پروگرام ۾ اسڪائوٽ امتياز فليو،اسڪائوٽ محمد وسيم ميتلو،اسڪائوٽ غلام رسول، اسڪائوٽ صحافي فهيم احمد ميتلو ، پڻ شريڪ ٿيا. هن اسڪائوٽ پروگرام ۾ اسڪائوٽ ليڊرن ۽ بواء اسڪائوٽس سان گڏ 25 گرلز اسڪائوٽس پڻ شرڪت ڪئي جنهن جي اڳواڻي ميڊم ظهره جميل ڪئي. ۽ شام جو ڪلوزنگ سيرمني ڪئي وئي جنهن ۾ بواء ۽ گرلز اسڪائوٽس ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ انعام تقسيم ڪيا ويا. جنهن جو مھمان خاص مسرت علي منگي اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان هو.

Read Previous

سنڌ پريس ڪلب ميهڙ جي آفيس ۾ منور جانوري عورتن ۽ ٻچڙن سميت جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف داهو ڪندي

Read Next

لاڙڪاڻي شهر ۾ سنڌ جي ايڪتا ڏينهن ۽ معذورن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان گونگن ٻوڙن اسپيشل نوجوانن ميونسپل اسٽيڊيم لا ڪاليج وٽ پنهنجي آفيس ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي

Most Popular