سياسي ور ڇڙھيل اسان جو مستقبل

مظھر علي زنگيجو

جئين تہ ھن سال ڪورونا وائرس نالي ھڪ وبا ظاھر ٿئي جيڪا چين جي شھر ووھان مان پکڙجي سڄي دنيا اندر داخل ٿئي ان مان انٽرنيشنل نقصان ٿيو اھو جاني مالي نقصان آھي جنھن جو افسوس ڪجي يا ارمان پوءِ بہ گھٽ آھي ڇاڪاڻ تہ ڪرونا وائرس دوران ڪافيون دشوارين کي منھن ڏيڻو پيو ڇاڪاڻ تہ ڪورونا جي اپاءُ لاءِ ورلڊ ليول تي لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان تي عمل بہ ڪيو ويو اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ فيبروري کان ڪرونا وائرس جا خدشا ظاھر ٿيا ان کان بعد مارچ جي پھرين کان وٺي پندرھن ڏينھن لاءِ لاڪ ڊائون ڪيو ويو اھو سلسو ھلندو آيو حج جي مھيني ۾ لاڪ ڊائون جو ظور ٽُٽو ۽ محرم الحرام ۾ تہ لاڪ ڊائون ختم ڪيو ويو پر سنڌ يونيورسٽي فيبروري جي آخري تاريخن ۾ بند ڪئي وئي هئي سنڌ يونيورسٽي پاڪستان جي قديمي يونيورسٽي آھي جيڪا سنڌ جي تعليم جو مرڪز آھي جيئن ھن وبا تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ان لاءِ پوري ملڪ جا تعليمي ادارا سياسي سماجي مذھبي اجتماعن تي بہ پاندي لڳائي وئي پر جڏھن لاڪ ڊائون ختم ڪيو ويو تہ پوءِ اسان جو بنيادي حق جيڪو تعليم آھي ان کي پندرهن سيپٽمبر کان سلسلي وائيز کوليو ويو ان سان گڏ مخصوص ادارا کوليا ويا سڄي ملڪ اندر ان کان پوء ان ادارن ۾ شفٽ وائيز شاگردن کي گھرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ايس او پييز تي عمل ڪرڻ لاء سخت عمل جوڙيا ويا ۽ ماسڪ پائڻ لاءِ لازم چيو ويو ۽ ھينڊ واش جي لاء بہ چيو ويو اھو بھترين عمل آھي اسان متفق آهيون پر جيڪڏهن ڪرونا وائرس آھي بہ صحيح تہ آءٌ ڪجھ حوالو ڏيندو ھلان تي ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن جي بيان مطابق اھو ھڪ انسان کان ٻئي انسان ڏانھن ٽرانسفر ڪون ٿو ٿئي پوء بہ انھي ڳالھ تي عمل ڪندي ڪرونا وائرس جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي تنھن ڪري تعليمي ادارن لاءِ ايس او پيز شفٽ وائيز پڙھائي جا حڪم جاري ٿيا آھن ۽ ٻيو وڏو الميو پاڪستان اندر اھو پيو ھلي جو گذريل ڪجھ ڏينهن کان سياسي پارٽين جا وڏا وڏا جلسا ٿي رھيا آھن جيڪي اڃان تائين ھلن پيا اتي ڪو ايس او پيز جو نظام لاڳو نٿو ٿئي ڇا اتي ڪرونا وائرس ۾ اضافو نٿو ٿئي سگھي جو ايڏا وڏا اجتماع پيا ٿين ۽ سڀنيءَ پولٽيڪشنس جيڪي اسان کي ڪرونا وائرس جي بچاءُ لاءِ ايس او پيز ٺاھي ۽ ان تي عمل جو حڪم جاري ڪيو آهي ڇا ھِنن جا ڪارڪن جسلن دوران ان تي عمل ڪن پيا لڳي تہ ڪون پيو پر افسوس آھي تعليمي ادارن لاءِ ايس او پيز بہ آھي ڪورونا بہ آهي لڳي ٿو سياسي ماڻھن لاءِ ڪورونا وائرس آھي ئي ڪون جيڪو اسان جي بنيادي حق تعليم تي ڪورونا اچي قبضو ڪيو آھي لڳي ٿو تہ ڪورونا جي ڪا پڙھائي رھيل آھي جنھن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ تعليمي ادارن ۾ رھڻ لڳي آھي افسوس اسان جو سياسي نظام جي تہ ڪا خبر ئي ڪانهي الاھي ڇا پيو ٿئي اسان جي ملڪ اندر ايڏن وڏن سياسي جلسن ۾ نہ ڪو ايس او پيز آ نہ ڪورونا جا خدشا آھن نہ وري ڪا شفٽ آ جلسن جي دوران ھوندي بہ ڪئين ڪورونا تہ پڙھڻ آئي آهي سياست ڪرڻ تہ ڪان آئي آهي ھڪ قوم اڳ ۾ ئي سورن ۾ وقت جي ستايل ۽ وري ان قوم جي ٻچن جو مستقبل ڪورونا جي ڪري ڏينھنون ڏينهن پوئتي ٿيندو پيو وڃي ۽ پڙھائي جو نظام تمام ڪمزور ٿيندو پيو وڃي ڇاڪاڻ تہ ڪورونا کي پڙھائي ڪرڻي آهي ان جي لاءِ تعليمي ادارن جي لاءِ رول ريگيوليشن تيار ڪيا ويا باقي سياسي جلسا اجتماعن سان تہ ڪورونا جو ڪو واسطو ئي ڪونهي ڪورونا جي ڪري گھڻو نقصان ٿيو آھي پر جيڪو قوم جو بنيادي حق آھي اھا آھي تعليم ان تي ڏاڍو اثر ٿيو آھي سڄي دنيا ھجي يا ڪيتريون ئي قومون ھجن پر تعليم جي بغير نہ انھن ۾ شعور اچي سگهي ٿو نہ وري ڪا ڪاميابي ملي سگھي ٿئي ڇاڪاڻ تہ ڪنھن ڏاھي جا الفاظ آھن تہ تعليم اھو ھٿيار آھي جنھن سان دنيا فتح ڪري سگهجي ٿي ۽ تعليم سان دنيا اِمپرو ڊولپ ٿيندي پر اسان وٽ ڪم ئي ٻيو آھي اسان جي ليڊرن کي تعليم ڏي خيال ئي ڪونھي ڇاڪاڻ تہ انھن کي پنھنجي سياست جي لڳي پئي آھي باقي قوم اھا ئي سورن جي ستايل ويتر سورن ۾ ڪورونا جا سڀ رول تعليمي ادارن ۽ شاگردن لاء آھن پر جڏھن ڪورونا آھي يا ان تي عمل ڪندڙ قانون ٺاھيا ويا آھن تہ اھو رڳي تعليمي ادارن ۾ ڇو فالو ڪيو پيو وڃي ڇا جيڪي ھن محل تائين سياسي جلسا ٿين پيا اتي ايس او پيز تي عمل تہ ٺھيو پر ايس او پيز آهي ئي ڪون يا ائين چئجي تہ ڪورونا وائرس سياستدانن کان ڳھٻرائجي تعليمي ادارن ۾ پناھ ورتي آهي ان جي لاء تعليمي ادارن ۾ رول ريگيولشنس آھن ڪورونا بابت باقي سڄي ملڪ جي سياستدانن ۽ ان جي ڪارڪن لاءِ نہ ڪورونا لاء رول نا ريگيولشنس آهن اھو سوال نشان آ اسان جو سياسي نظام ڪيڏانهن پيو وڃي ھڪڙي جاء تي ڪورونا جي پچاءُ جي لاءِ رول ريگيولشنس کي عمل ڪرڻ ۾ ڪوشگان آ وري اتي ئي ٻئي طرف سياسي جلسن کي ڏسي ڪري ڪو رول ياد ئي نہ پيو اچي ڪورونا کي بہ سياسي حيثيت ملي وئي آھي ڇا جو رڳي ڪورونا تعليمي ادارن لاءِ ظاهر ٿئي پوي ٿي باقي ٻين جلسن ۾ ڪورونا پھچي ئي ڪان پئي اظھار افسوس آ سياسي بحران جي ڪري اسان جو بنيادي حق تعليم سياسي ور چڙهي ويو ڇا اھا ڳالھ ڪنھن کان ڳجھي آھي جو تعليم سان ئي قومن جي شناخت ٿيندي آهي پر الاھي ڇو اسان کي اسان جي بنيادي حق کان پري رکيو پيو وڃي اگر آئين مطابق ڪورونا وائرس جي بچاءُ جي لاءِ جيڪي اپاءُ ورتا وڃن اھي سڄي ملڪ ۾ ورتا وڃن باقي تعليمي ادارن لاءِ اھڙو قانون ڇو باقي سياسي جلسن لاء ڪجھ بہ راءِ عمل ناھي نہ ئي ڪورونا جي ڪا ڳڻتي آهي ھڪ اڳ ۾ ئي قوم پريشان ايڏي وڏي بدحالي بيروزگاري ان سان گڏ جيڪو ھيومن رائيٽ مطابق عوام جو بنيادي حق تعليم آھي ان کان بہ بي وس عوام کي پري ڪيو پيو وڃي خبر ڪانھي اسان جو مستقبل الاھي ڇا ٿيندو بس اڳ ۾ ئي اسان جي قوم سان ايڏيون وڏيون ناانصافيون ٿيون آهن نہ بنيادي حق پيا ملن نہ وري ڪو بھترين ماحول جنھن ۾ انسان سڪون واري زندگيءَ بصر ڪري سگھي ڇاڪاڻ تہ اسان جا سياستدان پنھنجي ذاتي مفادن ۽ ذاتي مسئلن ۾ ھڪ ٻئي سان ئي ڪون پيا ٺھن تہ وري قوم جي باري ۾ ڪٿان ويچار ڪندا سياستدانن کي پنھنجي پاور ۽ پوزيشن سان ئي پيار آهي باقي قوم جو تہ تصور ئي ڪونھي قوم اھا ئي سورن ۾ ڪورونا جھڙي مصيبت ۽ ان جي خوف کان قوم پاڻ کي مس آجھو ڪري سگھي تہ وري منھگائي جو وزن قوم مٿان اڇلايو ويو اھو بہ ماڻھون پنھنجو ڏکيو سکيو وقت گذاري پيو پر ھاڻي اھم ڳالھ اھا آھي تہ تعليم سان قومن جي سڃاڻپ ٿيندي آهي پر ان تي بہ سياست پئي ھلي ايس او پيز شفٽ وائيز ڪلاس جو ھلڻ اھو چيو پيو وڃي تہ قوم جو تعفظ ڪيو پيو وڃي يا قوم کي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي پر جيڪڏهن ڪورونا جي لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي وئي آهي تہ اھو سڄي ملڪ اندر لاڳو ٿيڻ گھرجي باقي سياسي جلسن ۾ اھڙي ڪا بہ حڪمت عملي آهي ئي ڪون باقي تعليمي ادارن لاءِ ڪورونا جي لاء وڏا رول ريگيولشنس آهن ڇا ڪورونا واقعي پڙهڻ آيو آھي يا اسان جو بنيادي حق تعليم کسڻ آيو آهي

Read Previous

جمهوريت لاءِ تنقيد ضروري آهي، پي ٽي اي حوصلا افزائي ڪري“

Read Next

جيڪو ڪُني ۾ ھوندو، سو ئي پاٽِ ۾ پوندو

Most Popular