جيڪو ڪُني ۾ ھوندو، سو ئي پاٽِ ۾ پوندو

سيد غلام حيدر شاھ قلندري.

ھميشه رواجِ ڪائنات آھي، سمنڊ ان کي چئبو آھي جنھن ۾ پاڻي ھجي، ڪنھن سڪل ڍنڍ کي سمنڊ نٿو چئي سگهجي، ائين ڪنھن واٽر شاخ کي دريا جو لقب ڏيڻ جھالت سمجھيو ويندو، ڪنھن جاھل کي عالم نٿو چئي سگهجي، ائين فن رکڻ واري کي به بيڪار نٿو چئي سگھجي، ڀريل ڀانڊي ۽ خالي گدام ۾ فرق واضع آھي، ڀريل ديڳ سئين پيل ھوندي آھي، جڏھن خالي ٿي ويندي آهي ته ان کي اونڌو ڪري رکبو آھي جيئن ڪو جانور ڇيڙ ڇاڙ نه ڪري سگهي، شادي ھجي ۽ ان ۾ خوشي نه ھجي ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست نه ھجي ته سمجھو ڀت ڦڪو لڳو پيو آھي، ھمراھ سڄو سون پر گفتگو ۾ اھو سليقو ۽ مٺاس نه آھي، جيڪڏھن جهڳي ھڻڻ ۾ پئي ته ماٺ ڪرائڻ لاءِ به ڪا لٺ گھرجي، ائين ھر ڪم ڪار لاءِ ھڪ ڪاريگر استاد ۽ ماھر جي ضرورت پوندي آهي، جيڪڏھن ڪنھن خالي ٺڪر ۾ ھٿ وجھندي سواءِ پراڻي ڄاري ۽ مٽي جي دز کان سواءِ ڇا ملندئي؟ سکڻ چاھين ٿو ڊاڪٽري، وڃين ٿو پڙھڻ واڍي کان، اھو تو کي ضرور ڪاٺ جوڙڻ ۽ ٽوڙڻ جو فن ضرور سيکاريندو، بھترين در دريون ۽ فرنيچر جي جوڙجڪ بابت سٺي ڄاڻ فراھم ڪندو، پر ڊاڪٽري راز ڪو نه سيکاري سگهندو، ڇاڪاڻ اھا ان جي فيلڊ ناھي، نه ئي ڪو ان بابت ڪا ڄاڻ ۽ فن اٿس، ائين جيڪڏھن سون وٺڻ ۽ سون جي باري ۾ معلومات وٺڻ لاءِ ڪنھن لوھار وٽ وڃي پهچندي، ھو ويچارو ڪوڏر ڪھاڙيون ۽ بھترين لوھارڪو ڪم ڏيکاريندو پر ويچارو سون سڃاڻڻ کا نا واقفي بيان ڪندو، ائين وري ڊيري فارمنگ ڪرڻ لاءِ ڪنھن پولٽري فارمنگ واري وٽ ڄاڻ وٺڻ ويندي، ھو اھو طريقو ٻڌائيندو جيڪو ھن جو ڪم آھي، ٽريڪٽر ڊرائيور کان جيڪڏھن ريل گاڏي جي انجڻ جي باري ۾ تفصيل وٺندي، ھو ويچارڙو توکي فقط گوبل ۽ کيڙي جا راز، ٽيپ رڪارڊر جا آواز گنگنائي وري پنهنجي استاد جي واکاڻ ڪندي ٻڌائيندو، ائين ھڪ انجنيئر کان ڊاڪٽري جو ڪورس پڇي نٿو سگھجي، ائين ھڪ ٽيچر جيڪڏهن ڊاڪٽر ٿيڻ چاھيندو تي ان کي فقط عطائي ڊاڪٽر چئي سگهبو پر ڪوليفائيڊ ۽ سرٽيفڪيٽ يافته نه چئبو، ڇاپي کان بچڻ لاءِ ھميشه اٽڪلون ڪرڻيون پوندس، ائين ھڪ عالم کان علم سکجي سگھجي ٿو، ائين ھر ماھر کان پنھنجي فن مطابق فن حاصل ڪري سگھجي ٿو، ائين سڪون ۽ راحت وري انھن راحت ۽ سڪون وارن کان وٺي ۽ سکي سگھجي ٿي، انھن جي رستي انهن روحاني رمزن تائين پھچي سگھجي ٿو، ائين روحانيت ۽ تصوف ھڪ الڳ علم ضرور آھي پر لڪيل ڳالهيون آھن لڪڻ وارن کان معلوم ٿي سگھن ٿيون، چوڻ جو مقصد ته ھر فن لاءِ استاد جي ضرورت لازمي آهي، ڇاڪاڻ جنهن وٽ ٿانوَ ۾ جيڪو ھوندو اھو اوھان کي ڏيندو، وکر دڪان وارو پنهنجو وڪڻندو آھي، بغير استاد شيطان جو شاگرد ٿيڻ جي برابر آھي، عطائي ۽ جڳاڙو استادن کان بچندي جيڪڏھن جيڪو ڪُني ۾ ھوندو، سو ئي پاٽِ ۾ پوندو، اھڙن عطائي ماھرن کان مٺيون ڀيڙي ڀڄو.

Read Previous

سياسي ور ڇڙھيل اسان جو مستقبل

Read Next

سکر: نيب سکر پاران پلي بارگين ذريعي واپس ڪرايل پئسا سنڌ حڪومت حوالي

Most Popular