ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ: حيدرآباد ۾ سڀاڻي کان اسمارٽ لاڪ ڊائون جو اعلان

حيدرآباد: ڪورونا جي ٻئي لهر دوران ضلعي حيدرآباد ۾ روزاني ڪيترائي ڪيس ۽ وڌندڙ فوتگين کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميه حيدرآباد ضلعي جي لطيف آباد، قاسم آباد ۽ ٽنڊوڄام جي 12 علائقن ۾ ست ڊسمبر کان اسمارٽ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو آهي.ضلعي انتظاميه موجب ضلعي جي 6 يوسيز جي ٻارنهن علائقن ۾ ست ڊسمبر کان اسمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويندو. ان علائقن ۾ قاسم آباد يوسي 2 جا علائقا، جيجل ماءُ اسپتال روڊ، فريد پلازه ۽ ڀرپاسي جا علائقا شامل آهن. جڏهن ته گل لطيف ڪالوني، متهن هائوسنگ سوسائٽي، سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي  ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويندو.سٽي جي يوسيز 2 جا علائقا هيرآباد، جيل روڊ، ڊاڪٽرز ڪالوني، ڀرڳڙي فليٽس، عامر ٽيرس، سول اسپتال جي ڀرپاسي وارا علائقا لطيف آباد جي يوسي 2، جي يو آر ڪالوني، پٺاڻ ڳوٺ ۽ ٽنڊوڄام ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويندو.واضح رهي ته سنڌ ۾ ڪراچي کان پوءِ ڪورونا 19 جي ڪيسن سبب سڀني کان وڌيڪ حيدرآباد متاثر آهي جتي روزاني ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي. 

Read Previous

لاهور وارو جلسو ضرور ٿيندو ۽ عمران خان کي پنهنجي ڪرسي به ڇڏڻي پوندي: مريم اورنگزيب

Read Next

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ واسين کي واڌايون

Most Popular