قاضي احمد : ايڪتا قومي عيد ملهائڻ واري ڏھاڙي تي سموري سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن وانگر قاضي احمد ۾ به ايڪتا ريليز نڪتيون آهن

قاضي احمد (رپورٽر علي نواز جتوئي ) ايڪتا قومي عيد ملهائڻ واري ڏھاڙي تي سموري سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن وانگر قاضي احمد ۾ به ايڪتا ريليز نڪتيون آهن ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت پاران شمس صلاح الدين ڪيريو ,فياض الدين ڏاهري ,عبدالجبار ابڙو جي اڳواڻي ۾ دمائي بيڪري پير محلا کان شاندار ريلي ڪڍي وئي ,ينگ جنريشن اتحاد جي اڳواڻ وحيد کوسو جي اڳواڻي ۾ ايڊ مور پمپ کان ثقافتي ريلي ڪڍي وئي , سوائي مھر جي نوجوان ۽ برادري پاران امتياز مهر ,جاويد سيال جي اڳواڻي ۾ علمبردار هوٽل کان هڪ شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي جڏھن ته نوجوان اتحاد فورم پاران,شاهنواز کوسو, عاشق سنڌي ,سائل سنڌي جي اڳواڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس وٽان ريلي ڪڍي وئي ,جسم جي پير نعيم سليم سوڍر ۽ فقير ساجن ڪنڀر جي اڳواڻي ۾ ھڪ ثقافتي شاندار ريلي ڪڍي وئي ,جمال شاھ مان محمد خان خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي سمورين نڪتل ثقافتي ايڪتا ريلين ۾ شامل نوجوان اجرڪون ,پٽڪا ۽ ٽوپيون پائي ريليز ۾ شريڪ ٿيا جڏھن ته ثقافتي ڏڻ تي قاضي احمد جا سمورا روڊ رستا اجرڪ جي فلڙين سان جرڪي پيو هو هر طرف ثقافتي رنگ نکري پيا سوين نوجوان ايڪو سائونڊ تي سنڌي قومي گيتن تي رقص ڪندا جهومندا پنهنجي ڌرتي ۽ ثقافت سان محبت جو بيمثال وچن وجايو مختلف هنڌن کان نڪتل ريليون ناز باغ سامهون ۽ پريس ڪلب چونڪ تي پهچي جلسي جي صورت اختيار ڪري ورتي جتي نوجوان بيخودي مان نچندا رهيا هوڏانهن قاضي احمد جي مک چوراهن چونڪن تي استعقبالي ڪئمپون پڻ لڳايون ويو هنيون جتي هر ايندڙ ثقافتي ريلي مٿان گلن جي برسات ڪئي پئي وڃي عيد جي ڏڻ واري موقعي تي خاص ڪري ٻھراڙين کان وڏي انگ ۾ معصوم ٻارڙا نوجوان عيد وانگر نوان ڪپڙا ٽوپيون اجرڪون پائي ريلين ۾ شريڪ ٿيا سمورو ڏھاڙو مختلف علائقن مان ريليون نڪرنديون رهيون ,هوڏانهن اڄوڪي ايڪتا عيد واري ڏھاڙي تي نوجوان سماٽ اتحاد جي فقير روهيل انڙ ,اڳوڻي يوسي نظم بهار خان مري ,سماجي اڳواڻ پير اسد شاھ جيلاني ,سينگار خان مري ۽ ٻيا ثقافتي ڪئمپ تي پهچي شريڪ ٿيا ,

Read Previous

سکر جي شر چوڪ جي 20 کان وڌيڪ محلن اندر پيءڻ جي پاڻي جي اڻاٺ ڪيتراءي گھر ڏڪ جا پياسي بڻجي ويا

Read Next

نوابشاهه جا روڊ رستا آسماني چنڊ ۽ ستارن سان جرڪي پيا سنڌ جا شهزاده ڪُلهن تي اجرڪون اوڍي ٽوپيون ۽ پٽڪا پهري نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران ڌرتي ماءُ کي نوڙي سيس نوائي سلام پيش

Most Popular