ٽرمپ کانپوءِ آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ٿي سگهن ٿا:چين

بيجنگ: چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي تڪرارن جي حل ڪاڻ ڳالهين تي زور ڏيندي امڪان ظاهر ڪيو آهي ته صدر ٽرمپ پاران عهدو ڇڏڻ بعد آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ٿي سگهن ٿا. عالمي خابرو اداري موجب چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي چين ۽ آمريڪا جي بزنس ڪائونسل کي خطاب ڪندي آمريڪا سان لاڳاپن ۾ بهتري جي اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ۾ صدر جي تبديلي سان چين سان هڪ دفعو ٻيهر اڻ ڌريا لاڳاپا بهتر ٿي سگهن ٿا. پرڏيهي وزير وانگ زي وڌيڪ چيو ته تڪرارن جو حل ”ٽيبل ٽاڪ“ ۾ آهي ۽ ٻنهي ملڪن لاءِ هي وقت بهتر آهي جڏهن ته آمريڪي انتظاميا ۾ وڏي تبديلي اچي رهي آهي جنهن سان پاليسين ۾ نرمي ۽ غير جانبداري جو امڪان وڌي ويو آهي.

Read Previous

نيوزيلينڊ ۾ موجود قومي اسڪواڊ کي آئسوليشن ختم ڪرڻ جي اجازت ملي وئي

Read Next

ڪنهنجو ظاهر ڏسي ان جي ايمان تي سوال نٿا اٿاري سگهجن: آئمه بيگ

Most Popular