ڪنهنجو ظاهر ڏسي ان جي ايمان تي سوال نٿا اٿاري سگهجن: آئمه بيگ

لاهور: گلوڪاره آئمه بيگ جو چوڻ آهي ته ڪنهنجو ظاهر ڏسي ان جي ايمان تي سوال نٿا اٿاري سگهجن ۽ نه ئي ڪنهنجي لباس سان ان ڳالهه جو تعين ڪري سگهجي ٿو ته اهو مسلمان آهي يان نه. فلم ”نامعلوم افراد“ ۽ طيفه ان ٽربل “ سميت ڪافي فلمون ۽ ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ پنهنجي آواز سان من موهيندڙ آئمه بيگ پنهنجي گلوڪاري سبب سوشل ميڊيا تي فعال نظر ايندي آهي پر ڪيترائي واهپيدار هن جي آواز کان هٽي هن جي فيشن ۾ دلچپسي رکن ٿا ڇو ته نوجوان گلوڪاره فيشن آئيڪون به سمجهي ويندي آهي ۽ اڪثر پنهنجي لباس جي ڪري تنقيد جي نشاني تي هوندي آهي. هڪ انٽرويو ۾ جڏهن هن جي لباس بابت سوال پڇيو ويو ته” ڪيئن لڳندو آهي جڏهن سوشل ميڊيا تي توهان جو لباس ڏسي ڪو پڇندو آهي ته ڇا تون مسلمان آهين؟ سوال جي جواب ۾ آئمه بيگ جو چوڻ هو ته منهنجي خيال ۾ توهان ڪنهنجي ايمان تي سوال نٿا اٿاري سگهو، ڪنهن کي اها خبر ناهي هوندي ته منهنجو الله سان ڪهڙو لاڳاپو هو، آهي يا رهندو، آئون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪهڙين شين مان گذري رهي آهيان ۽ ڪهڙين شين مونکي منهنجي رب جي ويجهو ڪري منهنجو ايمان مضبوط ڪيو، اهو صرف مان ڄاڻان ٿي ۽ نه ئي ڪنهن جي لباس مان اهو تعين ڪري سگهجي ٿو ته اهو ماڻهو مسلمان ناهي، چوڻ ڏاڍو سولو آهي ته توهان مسلمان ناهيو ڇو ته توها مسلمانن وارو لباس نه پاتو آهي.

Read Previous

ٽرمپ کانپوءِ آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ٿي سگهن ٿا:چين

Read Next

مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز اڄ لاهور ۾ ريلي جي اڳواڻي ڪندي

Most Popular