اسان پنهنجي آئيني حدن کي چڱيءَ ريت ڄاڻون ٿا، ٻين کان به آئين جي پاسداري جي اميد رکون ٿا: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته اسان پنهنجي آئيني حدن کي چڱيءَ ريت ڄاڻون ٿا، اسان ٻين کان به آئيني حدن جي پاسداري کي مٿانهون رکڻ جي توقع رکون ٿا

آرمي چيف جنرل عاصم منير پاڪ ايئرفورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته  آئين جي آرٽيڪل 19 ۾ اظهار جي آزادي ۽ راءِ جي اظهار جون حدون مقرر ڪيون ويون آهن، انهن حدن جي لتاڙ ڪندڙ ٻين تي آڱريون نه ٿا کڻي سگهن

آرمي چيف پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته توهان اسان جي اميدن جو مرڪز، آسمانن جا محفافظ ۽ علائقائي يڪجهتي جا ضامن آهيو، جنرل عاصم منير چيو ته هٿيارن جي ڊوڙ سان خطي ۾ طاقت جو توازن بگڙڻ جا امڪان آهن

Read Previous

پي سي بي قومي سليڪشن ڪميٽي پاران انگلينڊ ۽ آئرلينڊ جي دوري لاءِ 18 رڪني قومي ٽيم جو اعلان

Read Next

پاڪستان جون پهريون خلائي مشن چنڊ ڏانهن روانو

Most Popular