لاڙڪاڻو: اڳوڻي وزير اعظم مير ظفر الله خان جمالي جي پٽ صوبائي وزير مير عمر خان جمالي سان تعزيت جو اظهار ڪيو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) اڳوڻي وزير اعظم مير ظفر الله خان جمالي جي پٽ صوبائي وزير مير عمر خان جمالي سان دعوت اسلامي مجلس رابطا جي ذمه دار عبدالرحمان عطاري جي قيادت ۾ هڪ وفد تعزيت جو اظهار ڪيو، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ظفر الله خان جماليءَ جا درجات بلند ڪري ۽ پونئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي آمين، دعوت اسلامي جي وفد مرحوم جي ورثاءَ کي صدقه جاريه وارن ڪمن جي لاءِ هڪ اسلامي انمول نسخو ڏنو ۽ عالمي مدني مرڪز فيضان مدينه وزٽ ڪرڻ جي دعوت به ڏني وئي، جنهن تي صوبائي وزير مير عمر خان جمالي دعوت اسلامي جي آيل وفد جو ٿورو مڃيو ، انهيءَ موقعي تي بلوچستان جو اڳوڻو وزير اعليٰ جان محمد جمالي، قومي اسيملبي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري، ايم اين اي جعفر آباد خان محمد خان جمالي سميت ٻيا موجود هيا.

Read Previous

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي قبضو ختم ڪراڻ جو حڪم تي عمل

Read Next

سکر: اينٽي ڪرپشن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان نيب سکر پاران ايئرپور روڊ کان آءِ بي اي يونيورسٽي سکر تائين ميراٿن ريس ڪرائي وئي

Most Popular