سکر: اينٽي ڪرپشن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان نيب سکر پاران ايئرپور روڊ کان آءِ بي اي يونيورسٽي سکر تائين ميراٿن ريس ڪرائي وئي

سکر(رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) اينٽي ڪرپشن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان نيب سکر پاران ايئرپور روڊ کان آءِ بي اي يونيورسٽي سکر تائين ميراٿن ريس ڪرائي وئي، ريس ۾ نوجوان سلمان مهر ۽ سعيد الله پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته امداد چانڊيو، فراز ڪورائي ٻئين پوزيشن ۽ علي رضا لاشاري ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، پوزيشن حاصل ڪندڙن ۾ انعام پڻ ورهايا ويا، تقريب کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊائريڪٽر سکر فهيم قريشي نيب چيو ته صحتمند سرگرميون نوجوانن جي اهم ضرورت آهن، نيب پوري ملڪ ۾ احتساب سڀ لاءِ جي پاليسي تي عمل پيرا آهي، ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو آڻڻ سان ملڪ وڌيڪ ترقي ڪندو.

Read Previous

لاڙڪاڻو: اڳوڻي وزير اعظم مير ظفر الله خان جمالي جي پٽ صوبائي وزير مير عمر خان جمالي سان تعزيت جو اظهار ڪيو

Read Next

شهر جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن طرفان سنڌ هڪ ثقافت، سنڌ رهي آباد جي عنوان سان ايڪتا ريلي ڪڍي

Most Popular