سنڌ ۾ وڌندڙ قبيلائي تڪرارن کي روڪڻ لاءِ مختلف قبيلن جي عهديدارن جو اجلاس

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي : سنڌ ۾ وڌندڙ قبيلائي تڪرارن کي روڪڻ
سرڪار پاران عوامي مسئلن کان لاتعلقي ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي خلاف ۾ ڄام فيروز انڙ جي ميزباني ھيٺ مختلف قبيلن جي نيڪ مردن ۽ ويلفيئرن جي عھديدارن جو اجلاس انڙ ھائوس قاضي احمد ۾ ڄام فيروز انڙ جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪيترن ئي برادرين جي سماجي بھبود لاء ٺاھيل ويلفيئرن جي چيئرمينن ۽ برادري سردارن شرڪت ڪئي جن ۾ سنڌ ملاح فورم جو چيئرمين ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي لاکاويلفيئر ايسوسئيشن جو چيئر مين ڊاڪٽر محمد حنيف لاکو شھيد دودو سومرو آرگنائيزيشن پاڪستان جي چيئرمين علي محمد سومرو انجم عباسي اتحاد جي محمد اسلم عباسي سولنگي ويلفيئرايسوسئيشن جي عرفان علي سولنگي ميمڻ ويلفيئرايسوسئيشن جي محمد اسلم ميمڻ بھاول لاکو ڪامريڊ غلام حسين سومرو برڪت علي سومرو سميت ڪيترن ئي ماڻهن شرڪت ڪئي جنهن ۾ سنڌ اندر لاقانونيت ڏاڍ مڙسي ڪرپشن ۽ چونڊيل نمائندن جو عوام ڏانهن زميوار نـ ھجڻ واري عمل خلاف گڏيل محاظ کڙو ڪرڻ لاء گڏيل تنظيم جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو پروگرام ۾ شريڪ ٿيندڙ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تـ سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار کي روڪڻ لاء اسان توهان سڀني کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻون پوندو
ڇوتـ حڪومتي پاليسيون ڌرتي جي اصلي مالڪن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واريون آهن
ان لاء جلد اک نـ پٽيسون تـ گھڻي نقصان ۾ پئجي وينداسين
گڏ ٿيندڙ اڳواڻن اھو بـ واضع ڪيو تـ سنڌ مان قبيلائي جھيڙا ختم ڪرائڻ لاء امن پسند ماڻهن تي مشتمل ڪاميٽيون ٺاهي جھيڙيندڙ ڌرين ۾ صلح ڪرائي سنڌ کي امن ۽ ايمان جي ڌرتي بنايو ويندو
٢ سنڌ ۾ تعليم جي نظام جي بھتري لاء حڪمت عملي جوڙي بند پيل اسڪول کولرائي ٻھراڙي جي ٻارڙن کي علم جھڙي زيور سان روشناس ڪرائڻ لاء ڪردار ادا ڪرڻو پوندو
٣ ـ نادرا کان رھجي ويل سنڌي ماڻهن جا شناختي ڪارڊ ٺھرائي سندن ووٽ داخل ڪرائي کين ووٽ جو حق ڏيڻ سان گڏ ووٽ جي اهميت جو بـ احساس ڏياريو ويندو
ـ اسپتالن ۾ دوائن ۽ عملي جي کوٽ سميت صحت جي ناقص پاليسي کي بھتر بنائڻ لاء سنڌ سرڪار ۽ اسپتال جي عملي سان رابطا ڪري اسپتالن جو نظام جي بھتري لاء جاکوڙ ڪرڻي پوندي
سنڌ اندر ادارن ۾ ڪرپشن ۽ پنھنجا نوازي خلاف اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻون پوندو
٦ ـسنڌ کي ٻن حصن ۾ ورھائڻ ڪراچي ۽ سنڌ چوندڙ جو وات بند ڪرڻ ۽ سنڌ جا ٻيٽ بچائڻ پڻ اسان جي ذميواري ۾ شامل ھوندو ـ
٧ پاڻي جي ھر قسم جي منصفاڻي ورھاست ۽ شاخن جي پڇڙين تائين پاڻي پھچائڻ آبپاشي عملدارن کي پابند ڪرڻ بـ اسان جي ذميواري ھوندي ان وقت متفق راء سان ھن تنظيم جو چيئرمين ڄام فيروز انڙ کي چونڊيو ويو جڏهن تـ پريس ترجمان لاء بھاول لاکو تي اتفاق ڪيو ويو باقي عھديدار ڏھ جنوري 2021 تي ٿيندڙ اجلاس ۾ چونڊيا ويندا ۽ تنظيم نالو پڻ انائونس ڪيو ويندو

Read Previous

پنهنجين بدعنوانين تي به غور ڪرڻو پوندو

Read Next

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪرپشن خلاف عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

Most Popular