ڪشمور ٽائون جي برطرف ملازمن پاران عوامي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو

ڪشمور ٽائون جي برطرف ملازمن پاران عوامي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو، اسان کي بحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو پر اڃا تائين بحال نه ڪيو ويو۔ اسان بک مرون ٿا خدارا اسان تي ترس ڪيو وڃي۔ برطرف ملازمن جو مطالبو تفصيل موجب. ڪشمور ٽائون جي برطرف ملازمن هڪ ڀيرو ٻيهر ڊسٽرڪٽ عوامي پريس ڪلب ڪشمور آڏو عاشق حسين ميراڻي، شير محمد جکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائون چيئرمين خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي برطرف ملازمن جو چوڻ هو ته پي پي پي جي چونڊيل چئرمين اسان کي روزگار ڏنو پر جئين ئي سندن دور پورو ٿيو اسان جي ٻچن جي روزي کسي اسان کي برطرف ڪيو ويو آهي، سندن هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٽائون آفيسر عبدالوحيد ڊومڪي پارٽي دشمني پاڙيندي اسان جي هڪ به نٿو ٻڌي. مظاهرين وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، بلدياتي وزير سيد ناصر شاهه، ڊي سي ڪشمور منور علي مٺياڻي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي مطالبو ڪيو ته ڪشمور ٽائون جي برطرف ملازمن کي جلد کان جلد بحال ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

Read Previous

چيف سردار آغا علي نواز خان جلباڻي صحافي جاويد لانگاھ سان سندس ڦڦي جي وفات تي تعزيت ڪئي

Read Next

ڳڙھي خيرو: احساس ڪفالت سينٽر جي ايجنٽ کان نامعلوم ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي 12 لک روڪ رقم موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار، واقعي جي خلاف احتجاجي مظاھرو روڊ بلاڪ

Most Popular