استعيفيٰ کيسي ۾ هوندي آ، قيادت جي حڪم تي دير نه ڪنداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قيادت جو حڪم ايندي ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏينداسين. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته پ پ هڪ مختلف پارٽي آهي، استعيفيٰ اسان جي کيسي ۾ هوندي آهي. هن چيو ته ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري جي معاملي تي اسان جي جاچ ٿي چڪي آهي، رپورٽ ڪابينا ۾ جمع ٿي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته گرين لائن منصوبو اڃا مڪمل ناهي ٿي سگهيو، اسان جو اورنج لائن منصوبو گرين لائن سان سلهاڙيل آهي. مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي وارن کي هڪ جديد سرڪلر ريلوي گهرجي، جيڪو ڪراچي وارن جو حق آهي، ڪي سي آر هڪ عمل جوڳو منصوبو آهي، جيڪو ڪراچي جي گهرج آهي، وفاقي حڪومت چئي ٿي ته اسان ايم ايل ون ٺاهينداسين، اها ڪراچي جي عوام سان ناانصافي آهي. وڏي وزير موجب ڪي سي آر جيڪو شروع ڪيو ويو آهي، ان جي رائيڊر شپ 22 سيڪڙو آهي، ڪي سي آر 8 هزار رپيا ٽڪيٽ مان ڪمائيندي آهي پر هڪ ٽرپ تي لکين رپيا خرچ ٿا ڪن، ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت جواب سڀاڻي تائين سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويندو.

Read Previous

لاهور ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، پنج دهشتگرد گرفتار

Read Next

قاضي احمد لڳ ڳوٺ ڏيڙان ڀرسان ٽرڪ ء موٽر سائيڪل جو ٽڪر نتيجي ۾ هڪ فوت،

Most Popular